پاڪستان جي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض وڌڻ تي خدشن جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) عالمي بئنڪ پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي سرڪلر ريٽ ۾ واڌ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته گذريل 6 سالن دوران پاڪستان جي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 1241 ارب رپيا وڌي ويو آهي.  عالمي بئنڪ موجب پاڪستان جي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض مالي سال 2018ع ۾ 1152 ارب رپيا هو، جيڪو مالي سال 2024ع ۾ وڌي 2393 ارب رپيا ٿي ويو. عالمي بئنڪ  بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نااهلي، بجلي جي شعبي جو خسارو، مهانگي بجلي جي پيداوار بجلي ورد ۽ ترسيل جا نقصان ۽ بجلي بلن جي اوڳاڙي نه ٿيڻ سميت ٻين سببن کي پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي سرڪلر ڊيٽ ۾ واڌ جو سبب قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.