حيدر آباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته ميرٽ ذريعي سنڌ کي بدلائي ۽ ڪرپٽ ماڻھن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي. زراعت کان وٺي ھر شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جائي والاري آھي. ٻين ملڪن ۾ ماڻھن جي جڳهھ تي روبوٽ جڳهه والاري آھي. سنڌ جا ماڻھو گھران نڪرن ٿا ته شام تائين سلامتي سان واپسي جو خطرو ۽ خوف رھي ٿو. ھٿ وٺي سنڌ کي قيد خانو بنايو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو قيديءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. پيپلز پارٽي چاھي ٿي ته سنڌ جا ماڻھو بيدار نه ھجن. باشعور نه ٿين. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه تي پنجاب ۾ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو سنڌ دشمن آھي .ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي سنڌو درياءُ مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاهي سنڌو درياءُ کي قيد ڪرڻ جا سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن.