شڪارپور(ن ع آ) پيپلزپارٽي ايم اين اي شھريار مھر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي، 3 ايس ايس پيز تبديل ٿيڻ باوجود ڌاڙا، ڦر جي وارڌاتن ۾ گھٽتائي ناھي آئي.ھن چيوته ھڪ مخصوص قبيلي جا 90 سيڪڙو ڏوھاري ڏوهھ ڪن ٿا، انھن کي ملڪ جي وڏي سياسي جماعت جي يو آءِ جي حمايت حاصل آھي،ھن وڌيڪ چيوته مون کي ته حيرت آھي ڏوھ به اھي ڪن وري احتجاج به اھي ڪري رھيا آھن، شھريار خان مھر چيوته پيپلز پارٽي کي ووٽ ڪندڙ برادرين کي ٽارگيٽ ڪري ڏوھي وارڌاتون ڪيون پيو وڃن، پ پ ايم اين اي وڌيڪ چيو ته ڏوھاري جي مارجڻ تي پلاند ۾ پوليس آفيسر ۽ انھن جا رشتيدار ٽارگيٽ ڪري ماريا وڃن، پ پ اڳواڻ شهريار مهر ھڪ سوال جي جواب ۾چيو ته ڏوھارين خلاف پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جي ضرورت آھي، آرمي آپريشن کانسواءِ شڪارپور، گھوٽڪي ، ڪشمور ۾ امن ممڪن ئي ناھي.