پشتون قومي جرڳي کي پشتون قومي روايتن جي روشنيءَ ۾ هڪ وسيع نمائنده جرڳو قرار ڏئي سگھجي ٿو. اطلاعن مطابق جرڳي ۾ جيترا بھ فيصلا ڪيا ويا آھن يا جرڳي جي پڄاڻي تي جيڪي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آھن.انھن مان گھڻين کي درست ۽ جائز سمجهون ٿا. جڏهن ته ڪجهه قابل وضاحت ۽ قابل بحث سمجهون ٿا. پر مجموعي طور تي انهن قراردادن کي خيبرپختونخواهه جي عوام جو آواز سمجهون ٿا. اصل ۾ بنيادي سوال اهو آهي ته خيبرپختونخواهه سميت سمورن قبائلي علائقن جي صورتحال کي ان حد تائين پھچائڻ جا ذميوار ڪير آهن؟ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو خيبرپختونخواه جو عوام هاڻي ھن رياست ۽ رياست جي سيڪيورٽي ادارن کان تمام گهڻو ڪاوڙيل، نا اميد ۽ شڪ ڪندڙ ٿي چڪو آھي. اهي وڌيڪ ڀروسو ڪرڻ بدران وچ ۾ ڪجهه شرط رکي رهيا آهن؟ڪميونسٽ پارٽي ڪڏهن به علحدگي پسند نه رهي آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي جاگرافيائي ورهاڱو ان جي مقصدن ۾ شامل آهي. نه ئي وري تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. پارٽيءَ سمجھي ٿي تھ ” سڄي دنيا جي انساني تاريخ ۾ تشدد جي شروعات ڪڏهن به ڪنهن مظلوم طرفان نھ ڪئي وئي آهي“. استحصال تشدد جي ئي ھڪ ڀيانڪ صورت آهي،جنھن جي شروعات هميشه طاقتور ۽ ظالم طرفان ٿيندي رھي آهي.
جيڪڏھن پاڪستان جي 77 سالن جي تاريخ جي تلخ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ غور ڪيو وڃي ته هر ڪنهن کي ”کير ۽ پاڻي جو فرق سمجهھ ۾ اچي ويندو.“ . جنرل ضياءَ جي فاشسٽ ۽ سامراج نواز حڪومت هجي يا پرويز مشرف جي آمريڪا جي اشارن تي نچندڙ حڪومت، وطن جا شھري ۽ نوجوان پنهنجون حياتيون قربان ڪندا رھيا ۽ حڪمران خود فخر واري انداز ۾ اربين ڊالرز جي رقم حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪندا رھيا.
سڄي ملڪ بلڪھ سڄي خطي ۾ اھڙي باهه ڀڙڪائي ويندي رهي ، جو اڄ تائين معاملو سڌو نھ ٿي سگھيو آھي.سون تي سھاڳو اھو تھ بدترين ۽ تباهه ڪندڙ نتيجن جي باوجود ماضي جي حڪمرانن جا جانشين نه ته پنهنجون غلطيون مڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي وري پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اھا ئي اُھا ذهنيت آھي جيڪو سڄي ملڪ ۾ مجموعي حالتن کي درست رخ ڏئي ھلائڻ ۾ مسلسل رنڊڪ بڻيل آھي.ان مائينڊ سيٽ نھ رڳو بلوچستان پر خيبرپختونخواهه کي به ديوار سان لڳائڻ ۽ ڪجهھ ٻيو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.سچ ھي آھي تھ سنڌ ۾ بھ جيڪو اندر ئي اندر جيڪو لائو پچي رھيو آھي يا ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرائيڪي و سيب جي نوجوانن ۽ عوام جي اندر ۾ جيڪو لائو پچي رهيو آهي، ان جو تصور ڪري پاڪستان جي مستقبل بابت خوفناڪ کٽڪا پريشان ڪري ٿا ڇڏين. جيتري قدر پنجاب جو تعلق آهي، تھ اتي به اڄ هڪ طرف ساڳي ذهنيت جي خلاف سخت ناراضگي بلڪھ مزاحمت هاڻي ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي رهي. جڏهن ته نوجوانن، شاگردن، مزدورن، ھارين ملازمن، عورتن ۽ باشعور شهرين جي فعال يا خاموش رھندڙ اڪثريت به ان مجموعي صورتحال کان مايوس ٿيندي حڪمرانن ۽ رياستي ادارن کان لاتعلق ٿي وئي آهي. هوءَ وڌيڪ انھن جي پاليسين جو بار کڻڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، پر اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن لاڳاپيل طاقتور رياستي ادارن جي قيادت ۽ بزدل مالدار اشرافيه جا حڪمران ،هن ملڪ کي قائم رکڻ ۽ خوشحال رياست بڻائڻ لاءِ سنجيده آهن ته پوءِ وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن ۽ قومي حقن ۽ پنھنجي وسيلن تي مڪمل اختيار سان حڪمراني جو حق جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ پرامن ۽ نمائنده قوتن سان مثبت ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ ماحول سازگار ۽ بھتر ماحول پئدا ڪن.
ڪميونسٽ پارٽي سمجھي ٿي تھ فتويٰ بازي، رياستي جبر ۽ طاقت جي زور تي نه ته وطن جي شھرين جون دليون کٽي سگھجن ٿيون. ۽ نه ئي پاڪستان جون حالتون بهتر ڪري سگهجن ٿيون.غير ملڪي ايجنسين ۽ طاقتن جي مداخلت جي روئڻ سان جيڪڏھن حالتون بھتر ٿي سگھن ھا تھ بنگلاديش کي هڪ آزاد ۽ خودمختار رياست تسليم ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها ۽ نه ئي وري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بيگناهه ماڻهن جي رت سان هولي،کيڏڻ جھڙا اڻوڻندڙ ۽ غير انساني واقعن جا صدما سھڻا پون ھا.
جيتوڻيڪ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، پر اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن لاڳاپيل طاقتور رياستي ادارن جي قيادت ۽ بزدل مالدار اشرافيه جا حڪمران ،هن ملڪ کي قائم رکڻ ۽ خوشحال رياست بڻائڻ لاءِ سنجيده آهن ته پوءِ وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن ۽ قومي حقن ۽ پنھنجي وسيلن تي مڪمل اختيار سان حڪمراني جو حق جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ پرامن ۽ نمائنده قوتن سان مثبت ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ ماحول سازگار ۽ بھتر ماحول پئدا ڪن.