سنڌ رواداري مارچ ، آزمائشون ۽ حاصلات

تحرير: علي محمد ميمڻ

سنڌ ۾ انساني رواداري تحريڪ سنڌ جو انساني ۽ ماڻهپي واري سماج جي قديم قدرتي، قومي تهذيبي، ثقافتي ۽ روحاني حقيقتن جو اظهار آهن. سنڌ جي تاريخي شهر "عمرڪوٽ”  ۾ روشن خيال شخصيت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو مذهبي ڌرين جي چرچ تي پوليس اهلڪارن هٿان گرفتاري ۽ انهن جي ئي تحويل ۾ جعلسازي ذريعي گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۽ ان بعد جوابدار مذهبي ڌرين طرفان مرحوم جي لاش کي باهه ڏيڻ واري واقعي جو سموري سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ دنيا جي انسان دوست، ساڃهه وندن ۽ ترقي پسندن، جمهوريت پسندن ۾ هن غير انساني سانحي جي خلاف تمام گهڻي روحاني تڪليف، دل آزاري ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ عوامي سطح تي سخت ردعمل پيدا ڪري وڌو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ترقي پسند ڌرين، انساني حقن جي تنظيمن، صحافين، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ ساڃهه وندن طرفان آچر 13 آڪٽوبرتي ڪراچي ۾ پنهنجي جذبات جي اظهار ۽ سنڌ جي ماڻهپي، رواداري واري سيڪيولر قومي سڃاڻپ کي پهتل نقصان ۽ ان تشخص جي بحالي لاءِ انتظاميا کي ڏنل آگاهي ۽ ورتل اجازت تحت ٽي تلوار ڪلفٽن کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پرامن مظاهري لاءِ اعلان ڪيل”رواداري امن مارچ  “ جي موقعي تي پوليس طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان ٽي تلوار تائين واري سموري رستي ۽ آسپاس جي علائقن کي ڪنٽينررکي بند ڪرڻ کان علاوه پرامن مظاهرين کي  کي پنهنجي جمهوري ، آئيني ۽ انساني اظهار راءِ جي قانوني آزادي جي حق کان طالماڻي طريقيڪار تحت روڪيو ويو ۽ امن مارچ ڪندڙن کي پنهنجي ڄاڻايل مقام تي اچڻ نه ڏنوويو پر ڪراچي ايندڙ سمورن امن قافلن کي پڻ سپرهاء وي ٽو پلازا ۽ نيشنل هاء وي تي پڻ روڪي ڇڏيو ويو ۽ ان بعد جيڪو گرفتارين ۽ پرامن مظاهرين،  ترقي پسند جماعتن، ٽريڊيونينز جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، سنڌ جي ساڃهه وندن،  نياڻين، سماجي شخصيتن، صحافين، وڪيلن ۽ دردمند دل ۽ نطريا رکندڙ شخصيتن ۽ ڪارڪنن تي پوليس جهڙي ريت تشدد ڪيو ۽ انهن گرفتار ڪيو ويويقينن اهو تمام گهڻو افسوسناڪ ۽ قابل مذمت عمل ڪيو ويو.

سنڌ سرڪار جي مختلف عيوضين طرفان "رواداري امن مارچ ” سان ڪراچي پوليس جي ورتاءُ  تي ڪيترائي ڀيرا معافي ورتي ويئي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان کان علاوه سينيٽر شيري رحمان طرفان پڻ امن مارچ تي ٿيل پوليس تشدد ۽ گرفتارين کي افسوسناڪ قرار ڏيئي معافي ته ضرور ورتي وئي آهي پر اهو سانحو امن مارچ  مخالف مذهبي جماعت تحريڪ لبيڪ جي ساڳي وقت ۾ ڪڍيل ريلي ۽ ٻنهي مظاهرن وچ ۾ امڪاني ٽڪرا ءَ واري صورتحال کان بچڻ لاءِ پوليس جو دٻاءَ سبب بدحواسي ۾ ڪيل عمل قرار ڏيئي پنهنجي شرمندگي ۽ معافي گهري آهي. صوبائي گهرو وزير طرفان سموري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ويئي آهي ۽ بربريت ۾ ملوث اهلڪارن ۽ ڌرين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي پر جيڪي واقعو اڳتي وڌي سموري ملڪ ۽ سنڌ جي سماج ۾ هڪ سانحي مٿان ٻئي سانحي واري ورجاءُ طور ڏٺو ويو ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت يا پوليس جي عملدارن طرفان ڏنل ڪابه آٿت عزت، قانوني ۽ سماجي ۽ شهري حقن جي آزادين جي ٿيل نقصانن جوڪهڙي ريت ازالو ٿي سگهي ٿو.

عجيب ڳالهه آهي ته حڪومت يا انتظاميا سنڌ ۾ لاقانونيت پکڙيندڙ مذهبي ڏوهارين ۽ جوابدارن کان پڇاڻي لاءِ قدم نه کڻي رهي آهي. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾عبادت گاهن کي پنهنجا اڏا ۽ خدا جي گهرن کي پنهنجن گهرن ۽ ملڪيتن ۾ تبديل ڪرڻ خلاف صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڪارروايون ڪرڻ کان پاڻ کي ڇو مجبور محسوس ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ملڪ جا سمورا ترقي پسند، جمهوريت پسند، ساڃهه وند، صحافي، وڪيل،اديب ، شاعر، دانشور ۽ ڪروڙين عوام پنهنجي ملڪ کي هر قسم جي تشدد کان پاڪ ڪرڻ ۽ مذهبي مرڪزن، مسجدن، عبادتگاهن کي فسادين کان آزاد ڪرائڻ ۽ حڪومت جي تحويل ۾ ڏيڻ ۽ سمورن مدرسن ۽ عبادت گاهن جي فنڊز،چندن جو حساب ڪتاب رکڻ ، ساليانو آڊت ڪرائڻ وارو ملڪ جو قانون لاڳو ڪرائڻ جي حق ۾ آهن پر انهن تي عملدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ هميشه امن و امان جا مسئلا اڪثر پيدا ٿيندارهن ٿا ۽ انهن معاملن سموري ملڪ کي ڪجهه ڏوهاري ذهنيت جي  خوف ۽ دهشت جو شڪار ڪري رکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي پڻ اسلام آباد جي مشهور فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس بابت پنهنجو تاريخي فيصلو ڏئي حقيقتون واضح ڪري چڪو آهي، تنهنڪري سمورين ترقي پسندن، جمهوريت پسندن ، قوم پرستن ، سماج سڌارڪن، قانوندانن ، صحافين ، انساني حقن جي ادارن ، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو اهو فرض ٿئي ٿو ته هو رواداري امن تحريڪ جي فڪر ۽ نظري کي اڳتي وڌائين ۽ پنهنجي صوبي ۽ ملڪ ۾ رواداري، انصاف، انسانيت، امن ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جي پهرين قانونسازاسيمبلي کي ڪيل ان خطاب جنهن موجب، هن ملڪ ۾ سمورن شهرين جي برابري ۽  مذهب سان رياست جو ڪوبه تعلق نه هجڻ ۽ ملڪ جي هر شهري کي آزاداڻي ر تي  مذهبي آزادي ۽ فڪر ۽ عمل جي آزادي  حاصل هئڻ وارو خطاب ۽ فرمان ٻڌايو هو پر اڳتي هلي حاڪمن ۽ آمرن ملڪ جي قيام ۽ رياست جي قائداعظم جي فرمان واري بنيادن، فڪر ۽ فلسفي تي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ ملڪ کي هڪ مستقل بدامني، لاقانونيت ۽ ناانصافين واري ڪينسر جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ سنڌ رواداري مارچ تي پوليس تشدد، گرفتارين،  نياڻين جي تذليل ڪرڻ وارن واقعن ۽ خاص طور تي سنڌ جي نامياري اديب ۽ ليکڪ جامي چانڊئي جي تعليم يافته بهادر ڌي روماسا کي مرد ۽ ليڊيزپوليس اهلڪارن هٿان جهڙي ريت کنڀي کڻي وڃڻ وارا منظر سامهون آيا آهن، انهن واقعن سموري ملڪ ۽ عالمي ميڊيا ذريعي دنيا کي سنڌ ۾ لاقانونيت ۽پوليس جي غير انساني ۽ غير قانوني هلت کي تمام گهڻو وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ رواداري مارچ جي پوليس طرفان ڪيل  رستا روڪ، تشدد ۽ ڪيل گرفتارين ۾ سنڌ جو اهي معتبرشخصيتون، هستيون ۽ سماج سڌارڪ، صحافي، وڪيل ، اديب ۽ شاعر پڻ تڪيلفن جو شڪار ڪيا ويا آهن جيڪي  سنڌ ۾ رواداري امن مارچ جا علمبردار هئا ۽ سنڌ ۾ حڪمران  جمهوري جماعت جي دور ۾ اهڙي قسم جي سلوڪ جي اميد نه رکي رهيا هئا.

پوليس ٽي تلوار کان ڪراچي پريس ڪلب تائين علائقي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي بي رحماڻو تشدد ڪندي زبردستي پوليس موبائيلن ۾ اڇلايو ويو. سنڌ رواداري تحريڪ  جي اڳواڻن ۽ ڪراچي ۾ ڪيل رواداري امن مارچ جي سنڌو نواز گهانگهرو، جامي چانڊيو، سندس نياڻي روماسا، بخشل ٿلهو، ڪامريڊ عاليه بخشل، ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زهره خان،  ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر، راڳي سيف سميجو، وقار ملاح، فوزيه سينگار، وڪيل علي پلهه ۽ ، سميت 80 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن کي تشدد بعد گرفتار ڪيو ويو. ساٿين جي گرفتارين کانپوءِ حيدرآباد مان پهتل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد، ايڇ آر سي پي ۽ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻن امر سنڌو، پروفيسر امداد چانڊيو، مجيد چانڊيو، حسين مسرت شاهه، روزينا جوڻيجو، بختاور ڄام، نجمه پنهور، نسيم جلباڻي، ماروي اعواڻ، پشپا ڪماري، غفرانا آرائين، گلبدن جاويد مرزا، رخسانه پريت ۽ ٻيا ماڻهو خوف کي ٽوڙيندي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.سخت عوامي رد عمل کان پوءِ گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪجهه ڪلاڪ ٿاڻي تي رکڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ ترقي پسند جماعتن، جمهوريت پسند ڌرين، سماج سڌارڪن، امن پسند سماجي شخصيتن، اديبن، شاعرن، صحافين، قانوندانن، انساني حقن جي علمبردارن ۽ قانون، انصاف ۽ انساني آزادين ۽ انساني حقن جي طلبگارن طرفان پنهنجي  ملڪ جي آئين تي عملدرآمدڪرڻ ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي ترقي پسند فڪر، سيڪولر، جمهوري ۽ علمي تشخص کي برقرار رکڻ، ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر شهيد جي قتل ۾ ملوث ۽ لڪل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون ۽ انصاف جي عدالتن ذريعي سزائون ڏيارڻ واري مقصدن جي يقينن سموري سنڌ جي عوام، ملڪ ۽ عالمي سطح تي پٺڀرائي حاصل ٿي آهي ۽ رواداري مارچ ييقينن هر قسم جي رنڊڪن، تشدد، گرفتارين ۽ قربانين جي نتيجي ۾ پنهنجي مقصد جي تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪري ورتي آهي ۽ سنڌکي امن ۽ ترقي پسندي جي پنهنجي اصل تشخص جي بحالي ۽ ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ لاءِ حڪومت کي پڻ هي موقعو مليو آهي ته هو سنڌ صوبي جو امن بحال ڪرائي، ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ  مليل عوامي مدد ۽ ردعمل کي سنڌ جي بهتري ۽ لاقانويت جي خاتمي لاءِ ڪتب آڻي ته هن کان وڌيڪ بهتر ٻيو وقت ٿي نه ٿو سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.