پاڪستان ۾ ڪيترن سالن کان وٺي دهشتگرد حملا ڪندا پيا اچن. انهن حملن ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو رهيو آهي. دهشتگردن جي قهري ڪاررواين کان ڪوبه ملڪ جو علائقو ۽ صوبو بچت ۾ ڪونه آهي. جتي حملا نه ڪيا ويا هجن. مختلف وقتن تي، مختلف علائقن ۾ دهشتگرد لڪي حملا ڪندا رهيا آهن. هاڻ به تازو بلوچستان جي دڪي ضلعي ۾، مزدورن تي حملو ڪري ويهن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ستن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو آهي. اتي قيامت برپا ٿي ويئي هئي. دهشتگرد اوچتو ظاهر ٿيا ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري مٿن گولين جا وسڪارا ڪري ڇڏيا. آزادانه فائرنگ ۾ ويهه پورهيت بروقت ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته ستن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو اٿن جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. انهن سڀني فوتين ۽ زخمين جو تعلق بلوچستان صوبي سان آهي. اهي ڪنهن ٻئي صوبي مان ڪونه آيا هئا ۽ سڀني جي ٻولي پشتو آهي. کاڻين جي مالڪ جو اهو به چوڻ آهي ته، هٿياربند دهشتگردن واپس وڃڻ مهل ڪوئلي جي کاڻين جي ڏهه مشينن کي به باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. اهي مشينون ٻيهر استعمال جي لائق ڪونه رهيون آهن. انهن جو گھڻو نقصان ٿيو آهي. فوت ٿيل مزدورن جا گھر اجڙي ويا. ڪيتريون ئي عورتون بي سهارا ٿي ويون. ڪيتريون ئي بيواهه بنجي ويون ۽ ٻار يتيم ٿي ويا آهن. انهن جا وسندڙ گھر غير آباد ۽ ويران ٿي ويا آهن. هي وڏو ظلم ٿيو آهي. جنهن جو ازالو ڪنهن به قيمت تي ٿي نه ٿو سگھي. ان واقعي جو ڪيترو به افسوس ڪجي سو گھٽ، ٿورو ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. باقي واڳ ڌڻي ته هميشه اهو بيان ڏيندا رهيا آهن ته دهشتگردن کي پڪڙي کين سخت سزائون ڏياري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. کين ڪڏهن به معاف ڪونه ڪيو ويندو. اهڙا بيان دهشتگردن جي هر حملي کان پوءِ ڏيندا رهندا آهن. بلڪل اهڙي طرح هن قهري ڪارروائي تي به انهن جا ساڳيا بيان سامهون آيا آهن. جيڪي هو هميشه ڏيندا رهن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر قسم جي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پر عزم آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردن جي ايجنڊا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. ۽ واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. اهي صرف بيان ئي آهن جيڪي سدائين ٻڌندا رهندا آهيون. باقي ڏوهاري ماڻهن جي خلاف اڳتي ڪجهه به ڪونه ٿو ٿئي. دهشتگردن جي خلاف ڪا، قانوني ڪارروائي به ڪونه ٻڌي اٿئون ته ٿي آهي. بهرحال، حڪمران هر دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ حملا آورن جي خلاف بيان ڏيو، قوم کي مطمئن ڪريو ڇڏين.
هن وقت بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب ڏسڻ ۾ پيون اچن. هتان امن وامان موڪلائي ويو آهي. دهشت، خوف، هراس ۽ غير يقيني ماحول آهي. اهڙي ماحول تي ساڃاهه وندن کي فڪر ۽ ڳڻتي آهي. اهو ماحول ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿو سوچيو وڃي. جڏهن ته هاڻ، اهو آپريشن ذريعي به ختم ڪونه ٿو ٿي سگھي. جنهن ڪري ان لاءِ ڪا ٻي واٽ سوچڻ گھرجي. جنهن سان امن وامان بحال ٿئي ۽ رت وهڻ بند ٿي سگھي. ان سلسلي ۾ ضروري آهي ته سڀ کان پهريائين بدامني جا سبب معلوم ڪرڻ گھرجن ته جيئن خبر پوي ته ڇو افراتفري ٿي رهي آهي. ڇو قتل ڪيا پيا وڃن. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته، حڪومت ۽ وس وارين اختيارين کي پنهنجيون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون تبديل ڪرڻ گھرجن. جيڪي بلوچ عوام تي زبردستي مڙهيون ويون آهن ۽ بلوچستان ۾ لاڳو ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته، دنيا ۾ جيڪي به ننڍا يا وڏا مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن جي حل لاءِ سڀ کان پهريائين ڪارڻ ۽ سبب ڳوليا ويندا آهن تنهن کان پوءِ اهي مسئلا حل ڪيا ويندا آهن بلڪل اهڙي طرح بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سڀ کان پهريائين انهن جي بنيادن، سببن ۽ ڪارڻن کي معلوم ڪري. بلوچستان بابت اڄ تائين جيڪي خبرون ٻڌندا رهون ٿا چيو وڃي ٿو ته، ڪجهه هٿيار بند گريٽر بلوچستان جي قيام لاءِ هٿيار کڻي جبلن تي چڙهي ويا آهن ۽ اتان لڪي دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. ڪي ماڻهو ان سبب کي رد ڪن ٿا. ۽ سمجهن ٿا ته بلوچستان جي عوام کي صوبي جي وسيلن مان ڪوبه حصو ڪونه ٿو ڏنو وڃي. ان ڪري ڪجهه ماڻهو مشتعل ٿي ويا آهن. ۽ بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن ۽ ان ڪري هٿن ۾ هٿيار کڻي ورتا اٿن. ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته، بلوچستان ۾ بيروني ملڪن جي مداخلت ٿي رهي آهي. ان مداخلت جي ڪري دهشتگردي جا واقعا ٿين پيا.