آئيني مسودي تي ”اتفاق راءِ“ويجهو پهچي ويا آهيون، پي ٽي آءِ احتجاج ختم ڪري: فضل الرحمان

ٽنڊوالهيار(ڊر) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وڏي ڪوشش کان پوءِ آئيني مسودي بابت اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، ڪوشش  ڪنداسين ته هنگامو نه ٿئي، اتفاق راءِ ٿي وڃي، ٽنڊي الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميم ۾ اسان جيڪي شيون رد ڪيون هيون اهي واپس اچي چڪيون آهن، حڪومتي مسودي کي مڃون ها ته شخصي آزادي ختم ٿي وڃي ها، حڪومتي مسودي سان عوامي حق ۽ عدليه تباهه ٿي وڃي ها، ان باوجود مسودي تي ڪافي هم آهنگي ٿي چڪي آهي، آئيني ترميمن بابت نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقاتون ڪندس، تڪڙ جي ضرورت ناهي، 18 ترميم آڻڻ ۾ به 9 مهينا لڳا هئا، ملڪي حالتن ۽ ضرورتن تحت قانونسازي ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ جو ڪم ئي آئين ۽ قانون ۾ ترميم ڪرڻ آهي، اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون ، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي شنگهائي سهڪاري ڪانفرنس دوران اعلانيل احتجاج ملتوي ڪرڻ گهرجي، پهريان به احتجاج جا نتيجا سٺا نه آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.