ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ وومين لائرز ايسوسيئيشن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ ويمن ايڪشن فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي، دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو، قاضي خضر حيات، صحافي سهيل سانگي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور، روبينه چانڊيو، عائشه ڌاريجو ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آچر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سول سوسائٽي ۽ صحافين مٿان پوليس جي تشدد ۽ عورتن جي تذليل ڪرڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ جي ڪجهه اڳواڻن جي معافي کي رد ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پ پ مذهبي رواداري جو احترام ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي جي مذهبي انتهاپسند دهشتگرد ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر امير شاھ کي شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي هار پارائيندڙ ۽ انهن جي قتل ۾ سهولتڪاري ڪرڻ تي پنهنجي پارٽي مان فوري طور خارج ڪري سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ واپس وٺي.رواداري ۽ امن جي ريلي تي پوليس جي دهشتگردي ڪرڻ واري عمل تي وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن جي معافي کي شهيد شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ، ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ريلي ڪڍندڙن اديبن، ليکڪن، شاعرن، راڳين ۽ سول سوسائٽي جي عورتن مردن خلاف داخل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ عمر ڪوٽ ۾ ٿيل مذهبي انتهاپسند جي دهشتگردي جي واقعي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي اڳوڻي ۾ هڪ تحقيقاتي رپورٽ ٺاهڻ، شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ايس ايڇ او ، قتل تي انعام رکندڙ ۽ چرچ ڏيندڙ مذهبي انتها پسند دهشتگرد مولوي عزيز سرهندي ۽ سندس ساٿين کي فوري طور گرفتار ڪرڻ، مقتول ڊاڪٽر جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ پوليس مان مذهبي انتهاپسندن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي فوري طور ڀرتي ڪري پوليس تربيتي ڪورس کي نج سائنسي بنيادن تي سيڪيولر نصاب بڻايو وڃڻ سان لاڳو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ويمن لائيرس الائنس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ کي چالاڪ ۽ سول سوسائٽي ۽ عوام کي بيوقوف ۽ غلام سمجهي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي سربراهي ۾ رواداري ۽ امن ريلي مٿان پوليس جي دهشتگردي ڪرائي عورتن جي مرد پوليس هٿان تذليل ڪرائي پنهنجي مٿان جمهوريت ۽ سيڪيولر پارٽي جو پاتل نقاب لاهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کي يقيني بڻايو آهي.دانشور ۽ اديب جامي چانڊيو چيو ته اسان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ طرفان سول سوسائٽي ۽ صحافين مٿان پوليس حملي ۽ ڇوڪرين کي مرد پوليس هٿان ڪرايل تذليل تي تيستائين معافي کي قبول نه ڪنداسين، جيستائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ سول سوسائٽي مٿان پرامن ريلي ڪڍڻ تي سرڪار طور درج ايف آءِ آر واپس نه ٿي وٺي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتل پوليس آفيسرن ۽ ڊاڪٽر خلاف قتل جي فتوا ڏيندڙ ۽ انعام رکندڙ مولوي عزيز سرهندي کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل مذهبي انتهاپسندي واري دهشتگردي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري اسان جي ان سوال جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي ته هن پنهنجي پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر امير شاهه خلاف هن وقت ڪوبه قدم کڻي هن جو نالو به ايف آءِ آر ۾ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي ڪجهه انتها پسند ماڻهن جي هجوم ۽ لڪل قوتن جي انتها پسند دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جي حوالي رکيو ويندو ته پوءِ ملڪ جو معاشرو ۽ هي ملڪ تباهه ٿي ويندو ۽ ڪوبه ملڪي يا غير ملڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪندو ۽ هڪ ڏينهن سمورو ملڪ عالمي قوتن آڏو وڪرو ٿي چڪو هوندو، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر حيات چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مردن، عورتن ۽ صحافين مٿان انتها پسند پوليس طرفان ڪيل حملو ۽ ريلي آڏو رڪاوٽون وجهي ملڪ جي آئين جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي، قلم 144 ملڪ جي شهرين جي انساني حقن کي ڇنڻ برابر آهي، ان عمل ڪري پ پ پنهنجون جڙون عوام مان ڪٽي پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي ۽ پريس ڪلب جي دروازي تي صحافين مٿان ٿيل حملو ثابت ٿو ڪري ته پ پ آزاد صحافت جي به دشمن آهي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته هاڻي عوام طرفان قابض قوتن خلاف مزاحمت ڪرڻ هڪ فرض ٿي پيو آهي، پريس ڪلب ٻاهران مرد پوليس اهلڪارن طرفان سول سوسائٽي جي عورتن جي توهين ۽ تشدد ۽ نوجوانن مٿان پوليس طرفان مذهبي نعرا هڻي حملو ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل جي جاچ لاءِ جج جي سربراهي ۾ هڪ تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي ان رپورٽ کي جلد پڌرو ڪيو وڃي ۽ اسان جي امن، رواداري ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف جدوجهد جاري رهندي، جهوني صحافي سهيل سانگي چيو ته سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ صحافين مٿان مذهبي نعرا هڻندي حملو ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ پوليس مان مذهبي انتهاپسندي وارا جذبا رکندڙن کي برطرف ڪيو وڃي، ان موقعي تي عائشه ڌاريجو ۽ فهميده سهيل ڳالهائيندي چيو ته آچر ڏينهن امن ۽ رواداري ريلي جي ڪاميابي نه فقط سنڌ پر سموري ملڪ کي همٿ ۽ حوصلو پيدا ڪيو آهي.