ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي فيڊرل بي ايريا بلاڪ 11 ۾ 3 سالن جي آمنه ڌيءُ عبدالباسط زيادتي بعد قتل ٿي وئي، پوليس موجب ٻارڙي اسڪول ويندڙ ڀيڻ ڀائرن جي پويان نڪتي هئي، گهر جي ڪجهه فاصلي تان سندس لاش ملي، پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي ٻارڙي کي ڳلو دٻائي قتل ڪيو ويو آهي، معصوم ٻارڙي جو والد عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي، ٻئي طرف گهٽي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون نه هجڻ ڪري پوليس کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.