ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت طرفان سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ فروٽ، آئل سيڊ ۽ سبزين جي ٻج کي به تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ سڌارن بابت ٺاهيل پلان جو جائزو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو، ايم ڊي سيڊ ڪارپوريشن مشتاق سومرو، ڊي جيز نديم شاهه، شهاب ابڙو، مظهر ڪيريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس م ايم ڊي مشتاق احمد سومرو سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين طريقي سان بهتري آڻڻ بابت ترتيب وار پلان پيش ڪري ڇڏيو. زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين سر سان سڌارا آڻڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي، جيڪو سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، صوبائي وزير ايم ڊي کي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي 1500 ايڪڙ غير آباد زرعي زمين کي ٻن سالن جي اندر فصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هارين کي سستي قيمت تي ٻج فراهم ڪيو ويندو