ڪمند اگهه مقرر نه ٿيڻ ۽ شگر ملون نه هلائڻ خلاف جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل بئنچ سنڌ ۾ ڪمند اگهه مقرر ڪرڻ  ۽ شگر ملون هلائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري زراعت، ڪين ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 28 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اھڙي درخواست آبادگار ايڊووڪيٽ مريد علي شاهه ۽ سنڌ گروور ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نواب زبير ٽالپر پاران داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، شگر ڪنٽرول بورڊ جي سيڪريٽري، ڪين ڪمشنر ۽  پاسما سنڌ زون کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي نئين سيزن پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿي وئي آهي پر ان باوجود سرڪار پاران ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي آبادگارن کي سخت مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شگر ڪين ايڪٽ تحت پهرين آڪٽوبر کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري ملون هلائڻ گهرجن پر ان باوجود حڪومت ۽ شگر ڪين بورڊ پنهنجي ذميواري ادا نه ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.