ڪراچي ( رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلافن جي خبرن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان جي وضاحت سامهون اچي وئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان پارٽي ۾ اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪا به اختلاف ناهي، ڪارڪن ۽ عوام افواهن تي ڌيان نه ڏين، هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿي رهي آهي، ميڊيا جي ادارن کي گذارش آهي ته ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ بنا تصديق جي خبر نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن.
-
ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي ايف پي ايس سي جي چيئرمين جو عهدو سنڀالي ورتو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي چيئرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي چيئرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر آصف علي زرداري ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ستي کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين طور عهدي جو حلف کڻايو. حلف برداري جي تقريب سادگي ۽ باوقار تقريب صدر هائوس اسلام آباد ۾ ٿي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي حلف برداري تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
-
مارجي ويل چيني انجنيئر آءِ پي پي ڳالهين ۾ شامل نه هئا: ناڻي واري وزارت
اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيندڙ چيني انجنيئرن سان ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪرڻ جي خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻئي انجنيئر آءِ پي پي ڳالهين ۾ شامل نه هئا، ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ ڳالهين ۾ پاور پلانٽ به شامل آهي جتي مارجي ويل انجنيئرن ڪم ڪندا هئا، جڏهن ته مارجي ويل چيني انجنيئر آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ شامل نه هئا، تنهن ڪري ان حوالي سان ميڊيا جون خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو هو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪار چيني انجنيئرن سان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون جاري هيون..
-
ڪراچي ۾ مبينا مقابلو، 5 ڦورو مارجي ويا
ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي منگھوپير خير آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، جڏهن ڦورن جي اطلاع تي دروازي کي بند ڪيو ته جوابدار ٻاهر نڪري پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 جوابدار سخت زخمي ٿي پيا، جيڪي بعد ۾ مارجي ويا، جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي ويسٽ طارق الهه مستوئي جو چوڻ هو ته پوليس علائقي ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪري رهي هئي ته شهرين پاران چورن جي موجودگيءَ جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڦورن جو سڌو سنئون مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ 5 ڦورو مارجي ويا. جتي ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ صدام، نياز ۽ قلندر بخش طور ٿي آهي. مارجي ويل جوابدارن جو تعلق اندورني سنڌ سان آهي، جوابدارن وٽان ايس ايم جيز، پستول، ريپٽر، گھر ۾ ڦر لاءِ استعمال ٿيل لاڪ ڪٽر ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. گرفتار جوابدار مختلف علائقن ۾ وارداتون ڪندا هئا، سندن قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا،
جڏهن ته پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري اسٽريٽ ڪرائم کان علاوه گهرن ۾ ڦر جون وارداتون ڪندا هئا.
-
اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون ضبط ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ) سمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون ضبط ڪري انهن کي مستقل طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ايف بي آر جي ترجمان موجب گاڏيون ضبط ڪرڻ لاءِ ايس آر او ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ماضي ۾ اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ڏنڊ ادا ڪري واپس ڪرايو ويندو هو، هاڻي ايئن نه ٿيندو، ترجمان چيو ته ايس آر او ۾ ترميم سمگلنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن سان ملڪي معيشت ڪافي عرصي کان متاثر ٿي رهي آهي.