ملڪ جو ناليوارو سينيئر سياستدان الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي/جيڪب آباد (نمائندن وٽان ) قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ سينيئر سياستدانن الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن الاهي بخش سومرو جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي. الاهي بخش سومرو 1926ع ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ ڄائو، هن جو تعلق شڪارپور سان تعلق رکندڙ سومرو خاندان سان هو، جنهن سنڌ تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي.هو مرحوم مولا بخش سومرو جو پٽ ۽ احمد ميان سومرو جو ڀاءُ ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم سردار محمد ميان سومرو جو چاچو هو ۽ پيشي سان انجنيئر هو.مرحوم الائي بخش سومرو پهريون ڀيرو جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير ٿيو ۽ 1985ع ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. 29 مئي 1988ع تي جڏهن جنرل ضياءَ الحق محمد خان جوڻيجو کي وزارت تان برطرف ڪري نگران ڪابينا ٺاهي ته کيس سڌ سماءُ وارو وزير بڻايو ويو. الاهي بخش سومرو جي عمر 98 سال ٻڌائي پئي وڃي، مولابخش سومري جو چوڻ آهي.

ته سندس جنازي نماز اڄ منجهند جو 1 وڳي ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي

. جڏهن ته تدفين اباڻي علائقي احمد ميان سومرو ۾ ڪئي ويندي.

  1. الاهي بخش سومرو 1985ع ۾ بنامقابلي ايم اين اي بڻيو، اسپيڪر ۽ وفاقي وزير رهي چڪو

جيڪب آباد: الاھي بخش سومرو 1985ع ۾  جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ پهريون ڀيرو بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو جڏهن جنرل ضياءَ الحق 1988 ۾ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي عهدي تان هٽائي نگران حڪومت قائم ڪئي ته ان ۾ الاهي بخش سومرو کي وفاقي وزير اطلاعات و نشريات بڻايو ويو هو،الاھي بخش سومرو 1990 ۽ 1997 جي دور ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو 1990 وري ڏهاڪي ۾ وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۽ 1997 ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب ٿيو جيڪو 2001  تائين قومي اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو الاهي بخش سومرو جنرل مشرف جي دور ۾ مسلم ليگ ق ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

  1. 1926ع ۾ جنم وٺندڙ الاهي بخش سومرو انجنيئرنگ ۾ ڊگري ورتي

جيڪب آباد: الاهي بخش سومرو 1926 ۾ شڪارپور جي سياسي خاندان مولا بخش سومرو جي  گهر ۾ جنم ورتو الاهي بخش سومرو سنڌ جي سياسي خاندان اڳوڻي وڏي وزير شهيد الله بخش سومرو جو ڀائيٽيو آهي الاهي بخش سومرو جو ڀاءُ احمد ميان سومرو مغربي پاڪستان ۾ ڊپٽي اسپيڪر رهي چڪو آهي سندس ڀائيٽيو محمد ميان سومرو نگران وزيراعظم ۽ سينيٽ جو چيئرمين رهيو الاهي بخش سومرو کي ٻه پٽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي الاهي بخش سومرو جي حال حيات ۾ گهرواري سميت هڪ پٽ هڪ نياڻي لاڏاڻو ڪري ويا هئا جڏهن ته هڪ پٽ زبير سومرو هاڻي پونئيرن ۾ شامل آهي،الاهي بخش سومرو پيشي جي حوالي سان بهترين انجنيئر هو ان آمريڪا ۽ برطانيا مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو پاڪستان ۾ ڪي ڊي اي جو چيئرمين رهي چڪو ،هو اين اِي ڊي ڪاليج جو پرنسپل به رهي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.