سکر (رپورٽ:آزاد مهر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته اسان کي وزارتون نه کپن جمهوريت لاءِ وفاق کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون ، جئين جمهوريت قائم رهي جيڪڏهن جمهوريت قائم نه رهي ته اسيمبليون به نه رهنديون، هن اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو آهي ته جمهوري نظام هلندو رهي، عمران خان هميشه ملڪ خلاف ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته جوڊيشنل ريفارم جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه جمهوري طريقو اختيار ڪري تمام سياسي پارٽين کي اتفاق رائي پيدا ڪرڻ قائل ڪيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالتن ۾ لکين ڪيس التوا جو شڪار آهن ان جي وجهه اها آهي ته ججن جو تعداد گهٽ آهي ئي ڪيس کوڙ پيل آهن اگر ججن جو تعداد وڌيڪ هوندو ته تڪڙو انصاف ملندو.