اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول چيو آهي ته حڪومت 25 آڪٽوبر تائين ترميم چاهي ٿي، نه ٿا چاهيون ته ميمبرن جي بازار لڳي. هڪ انٽرويو ۾ بلاول چيو ته جسٽس فائز۽ ٻين ججن جو احترام ڪيون ٿا پر جسٽس منصور ٻين ججن کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري. هن چيو ته چاهيون ٿا ته سمورين سياسي پارٽين سان اتفاق راءِ ٿئي، مولانا جون تجويزون به شامل ٿيڻ گهرجن. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسڻ ۾ منهنجو ڪو به ڪردار ناهي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته اتفاق راءِ سان ترميم پاس ٿئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو مقصد پاڪستان کي ناڪام ڪرڻ آهي. حڪومت کي چيو ته پي ٽي آءِ کي به هاڪاري سياست جو موقعو ملڻ گهرجي، جيئن ئي پارلياماني ڪميٽي جڙي ته باني پي ٽي آءِ ناڪاري بيان ڏنو. بلاول چيو ته پي ٽي آءِ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، مون کي نه اڍائي سالن لاءِ وزيراعظم نه ٿو بڻايو وڃي. ٻن يا اڍائي سالن جي تجويز اڳ ۾ نه مڃي هئي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان نٿا چاهيون ته آئيني ترميم لاءِ ميمبر خريد و فروخت ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف آئيني ترميم کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، اليڪشن ۾ عدالتي سڌارن جو واعدو ڪيو هو. ها، عدالتي سڌارن ذريعي عوام کي فوري انصاف ملندو. چيف جسٽس بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر ٻن يا اڍائي سالن لاءِ حڪومت ملڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.