اسلام آباد(عمر چيما+فخر دراني) آءِ ايس آءِ جي گرفتار ٿيل اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جو هڪ نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو،اسلام آباد جي مارگلا جي پهاڙين تي هڪ هائوسنگ سوسائٽي واري ڪيس ۾ به فيض حميد جو نالو سامهون آيو آهي،لامنتهانه هوٽل بابت هڪ ڪيس جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو ته هوٽل پٺيان هڪ هائوسنگ سوسائٽي جي جنرل(ر) فيض حميد پٺڀرائي ڪري رهيو هو ۽ سي ڊي اي کي ان هائوسنگ سوسائٽي خلاف ڪنهن به قسم جا قدم کڻڻ کان روڪيو ويو هو،ٻڌڻي دوران درخواست گذار حميد خان جي وڪيل عمر اعجاز گيلاني چيو ته ان ۾ وڏا بااثر ماڻهو ملوث آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها هائوسنگ سوسائٽي منهنجي نالي تي ناهي، توهان ان شخص جو نالو ٻڌائڻ کان ڊڄو ٿا ڇا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته نه مان ڊڄان نٿو، منهنجي اصيل مطابق جنرل فيض حميد نارٿ رينج هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪن خالد محمود ڀٽي وغيره جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو،ان سوسائٽي ٻيلي کاتي جي 78 ڪينال زمين تي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو هو،عدالت سوسائٽي جي ڊائريڪٽرن جو رڪارڊ ۽ جنرل فيض سان لاڳاپن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هڪ فيصلي جي اوٽ ۾ هائوسنگ سوسائٽي وارن 112 ڪينال ايراضي کي به پنهنجي ملڪيت ظاهر ڪري ان تي به قبضو ڪيو هو،رڳو اسلام آباد نه راولپنڊي،چڪوال سميت پوٺوهار ريجن ۾ هائوسنگ سوسائٽين ۾ جنرل فيض حميد جو نالو ضرور ڳنڍيل نظر اچي رهيو آهي،جنرل فيض حميد جي ڪرپشن جا ٻيا قصا به ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون اچڻا آهن