ڪراچي (رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ڪالهه منجهند جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انساني حقن جي ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته هن کي ڪراچي ايئر پورٽ تي آمريڪا وڃڻ کان روڪڻ، ايف آئي اي طرفان سندس پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ضبط ڪرڻ، ايئر پورٽ ٻاهران وفاقي رياستي ادارن ۽ سنڌ پوليس طرفان هن ۽ سندس ساٿين کي هراسان ڪرڻ واري واقعي سميت بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪستاني رياست کي جوابدار بڻائي بلوچ قوم جي بنيادي انساني حقن کي محفوظ ۽ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ ، سندس پاسپورٽ ضبط ڪرڻ، ڳجهن ادارن ۽ سنڌ پوليس طرفان تشدد ڪرڻ خلاف هو هاءِ ڪورٽ ۾ ويندي ۽ هو پاڻ سان ٿيل زيادتي خلاف پوليس وٽ رپورٽ به داخل ڪرائيندي جنهن لاءِ ڪوبه ٿاڻو تيار نه ٿيندو ته ڪورٽ وينديس. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ پارليامينٽ ۽ جمهوريت جو وجود نه آهي، هر شيء تي فوج جوقبضو آهي، ڪنهن لائبريري ۾ ڪهڙو ڪتاب رکجي ان جو فيصلو به اتي مقرر فوجي ڪن ٿا. ماهه رنگ چيو ته پي ٽي ايم تي پابندي جي مذمت ڪيون ٿا، بلوچستان جي سياسي پارٽين تي به بندش پئجي چڪي آهي ان ڪري امڪان آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪائونسل تي به پابندي لڳائي سگهي ٿي ۽ اسان جي ملڪ کان ٻاهر ۽ ملڪ اندر ان ڪري رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي جو متان اسان بلوچستان ۾ جاري جنگي ڏوهن کي منظر عام تي آڻي نه سگهون . هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ جي سربراهه قاضي خضر حيات چيو ته ماهه رنگ جو نالو جيڪڏهن ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي ۾ شامل هو ته کيس اول ئي ان بابت آگاهه ڪيو وڃي ها ۽ سندس نذليل نه ڪئي وڃي ها ، بلوچستان جو مسئلو سياسي حل ۾ ئي آهي ان بلوچن خلاف رياستي تشدد بند ٿيڻ گهرجي، ان سان رياستي ادارن جي ذهني ڪيفيت جي هي هڪ کي خبر ڇئجي چڪي آهي ، جنهن ۾ نوجوانن ۽ ٻين کي اغوا ڪرڻ ۽ انهن جا چچريل لاش ڏيڻ به شامل آهن ۽ ائين هاڻي رياست به هلي نه سگهندي ، جن ٻارن کي انهن جي وڏن جا چچريل لاش ملندا ته اهي وڏا ٿي رياست جي عملدارن کي گلن جا هار ته نه پارائي سگهندا ۽ ملڪ ۾ مزاحمت ۽ بغاوت وڏندي ۽ منظم ٿيندي، پي ٽي آئي ۽ پي ٽي ايم تي پابندي جا نتيجا خراب ملندا. ان موقعي تي سميع دين بلوچ پڻ موجود هئي.