اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين جو وزيرِاعظم پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ ڌرڻا جاري آهن پر هو 2014ع جهڙي ڪا سازش ڪنهن به صورت نه ٿيڻ ڏيندا، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي واقعي سبب چيني ۽ پاڪستاني عوام ڏُکارو آهي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ٿيڻ گهرجن، چيني سفير کي خاطري ڪرائي آهي ته ايس سي او لاءِ اثرائتا انتظام ڪيا آهن، هن چيو ته وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي پئي وڃي ۽ 2014ع ۾ به ڪيترائي مهينا ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جيڪو چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ هيو، 2014ع ۾ دشمن جو جيڪو عزم هو هي ان جو تسلسل آهي.وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ انهن معاملن کي بلڪل سنجيده نه ورتو، جتي ڌرڻا ۽ باهيون ڏنيون وينديون اتي ڪير اچي سيڙپڪاري ڪندو.هن چيو ته ملڪ جون پاڙون ڪٽڻ لاءِ سازش ڪيون پيون وڃن ۽ ان جٿي کي پاڪستان جي ترقي منظور نه آهي، هنن کي اهو فڪر آهي ته معيشيت ٺيڪ ٿي وئي ته کين ڪير پڇندو.هن چيو ته ويجهڙ ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو گهڻو ڪامياب رهيو آهي، حلال گوشت ۽ چانورن بابت ملائيشيا ڪمنٽمينٽ جو اظهار ڪيو، هاني سعودي عرب جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ اچي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ايس سي او جو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ مهمانوازي جو موقعو ملي رهيو آهي پر ايس سي او جي موقعي تي چيني دوستن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي وڃن.وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته جهڙي طرح چيني صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو هو اهڙي طرح شنگهائي سهڪار تنظيم کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.