آئيني عدالت جي قيام سان تباهي ايندي: شاهد خاقان عباسي

نيويارڪ(رضا رومي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 90 سيڪڙو حڪمران پاڻ ٽيڪس ادا نٿا ڪن، قومي اسيمبلي ميمبر ٽيڪس نه پيا ڏين،انهن وٽ ڪهڙو اخلاقي جواز آهي جو ٻين تي ٽيڪس پيا مڙهين،هن چيو ته اسان معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ نادرا جو نظام ڇو نٿا استعمال ڪريون؟هن چيو ته حڪومت رڳو ڳالهيون ڪري ٿي، سڌارا ته نه پيا اچن،اشرافيه رڪاوٽ بڻيل آهي، ملڪ ۾ ٿورن ماڻهن جا هن نظام سان مفاد وابسته آهن،هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران هاءِ وي کي کوٽي خندق بڻائي وئي آهي،پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي اهڙا ڪم ٿيندا آهن، اها هاءِ وي 10 لين آهي،علي امين گنڊاپور سيڪيورٽي سان ان روڊ تان گذريو ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويو،ڪنٽينر ناڪن باوجود هو ڊي چوڪ ڪيئن پهچي ويو؟ هن چيو ته هن ملڪ ۾ سرڪس لڳل آهي، گنڊاپور جي ميچ فڪس ٿيل هئي، اسلام آباد ۾ جيڪو ٿيو اهو دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، گنڊاپور اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته پوءِ گورنر راڄ لڳندو، علي امين گنڊاپور کي گهرجي ته پنهنجي حلف کي نه وساري، هن  چيو ته هتي مسئلو اهو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ عقل جي کوٽ نظر اچي رهي آهي، اپوزيشن کي مخالفت ڪرڻي هوندي آهي دشمني ناهي ڪرڻي،هن چيو ته مان گذريل هفتي پشاور ويس،اتي مايوسي هئي،پشاور واسي سوال ڪري رهيا هئا ته ڇا اسان پنجاب نٿا وڃي سگهون؟هن چيو ته حڪمرانن جو مينڊيٽ مشڪوڪ آهي، ڪمزوري لڪائڻ لاءِ روڊ ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ آهي،عدليه،اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني کي نيشنل ڊائلاگ ڏانهن وڌڻ گهرجي، توهان جا مسئلا ڪنٽينر،جلسا جلوس،آئيني ترميمون ناهن،ملڪ سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي،پنهنجي مفادن کي هڪ طرف رکي ملڪ هلائڻ لاءِ معاملا طئي ٿيڻ گهرجن،هن چيو ته آئيني ترميم ڪرڻي آهي ته ان کي عوام آڏو رکو، ان تي معاشري، پارليامينٽ،بار ڪائونسلز ۾ بحث گهرجي،آئيني ترميمون هن وقت جيڪي بازار ۾ آيل انهن سان ملڪ ۾ تباهي ايندي،انهن جو رڳو هڪ مقصد آهي ته اسان عدليه کي ايگزيڪيٽو جي ماتحت ڪريون، ايگزيڪيٽو جي پنهنجي حالت ڪهڙي آهي؟ ڇا اها عدليه کي هلائي سگهندي؟ هن وقت 70 ڪروڙ ڏئي سينيٽر بڻيل آهن سڀاڻي 70-70 ڪروڙ ڏئي ماڻهو چيف جسٽس بڻيل هوندا، سپريم ڪورٽ جي حيثيت ختم ٿي ويندي، ججن ۽ تپيدارن جي حيثيت هڪ جهڙي ٿي ويندي، هن چيو ته عدالتي سڌارا آندا وڃن،ملڪ ۾ خرابين جي ذميوار عدليه به آهي، آئيني عدالت تباهي جو سبب بڻجندي، ڇا بلاول ڀٽو اهو فيصلو ڪندو ته فلاڻو سٺو جج آهي؟ ڇا سٺو جج اهو هوندو جيڪو حڪومت جي مرضي جا فيصلا ڪندو؟ پ پ ۽ ن ليگ کي آئيني عدالت جو پهرين خيال ڇو نه آيو؟هن چيو ته توهان جو نظام اڳ ۾ نٿو هلي هاڻي جيڪو عدليه جو رهيل سهيل نظام به ختم ڪري رهيا آهيو،هن چيو ته اسان جي سپريم ڪورٽ به هر سال آئين جي نئين تشريح ڪندي آهي،63 اي جو فيصلو ڏئي اعليٰ عدليه هارس ٽريڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،هاڻي آئيني ترميمون به ضمير فروشن جي هٿان ٿينديون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 09 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.