حيدرآباد(رپورٽر) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته 13 آڪٽوبر تي تين تلوار کان ڪراچي پريس ڪلب تائين اعلانيل "سنڌ رواداري مارچ” ۾ سنڌ جو شعور شرڪت ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندو. عمرڪوٽ ۾ هڪ پڙهيل لکيل باصلاحيت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس هٿان ڪوڙي مقابلي ۾ مارايو ويو، پر ايڏي وڏي ظلم ۾ شريڪ ماڻهن کي مڇرائيندڙ ۽ دهشت پکيڙيندڙ جوابدار پير عمر سرهندي سميت معطل ٿيل اڳوڻو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، اڳوڻو ايس ايس پي اسد چوڌري ۽ اڳوڻو ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، عاليه بخشل ۽ حمز چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رواداري مارچ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري، قتل جي عدالتي جاچ جي مطالبي سان گڏ ڪيس جي فريادي ۽ وارثن کي تحفظ ڏيارڻ جي پڻ گهر ڪنداسين. هن چيو ته شدت پسند ۽ قاتل سرعام ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثن سميت وارثن سان انصاف لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر پوليس ۽ ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪاميٽي خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن چيو ته اسين سمجهون ٿا ته پوليس جي جاچ ڪاميٽي پوليس خلاف بهتر جاچ نٿي ڪري سگهي. هڪ اي ايس آءِ رينڪ جو آءِ او پنهنجي کاتي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي رينڪ جي آفيسرن جي جاچ ڪيئن ڪري سگهندو. ان ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي, رسول بخش پليجي ۽ ابرهيم جويي جي سنڌ کي ڪنهن به صورت مذهبي انتهاپسندن جي هٿن ۾ ڪو نه ڏينداسين. سنڌ جي شعور کي اپيل ڪيون ٿا ته 13 آڪٽوبر تي رواداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري جنونين ۽ شدت پسندن کي جواب ڏنو وڃي.