ڪراچي (پ ر ) وومين ايڪشن فورم ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ طرفان اسلام آباد جي هڪ تقريب دوران نابالغ ڇوڪرين سان اسٽيج شيئر نه ڪرڻ واري عمل تي تنقيد ڪئي آهي.ڊبليو اي ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو حڪومت کان پڇڻ چاهين ٿا ته ڪيئي پاڙيسري ۽ اولهه وارن ملڪن طرفان پابندي مڙهيل هئڻ باوجود ذاڪر نائيڪ کي پاڪستان ۾ سرڪاري مهمان طور دعوت ڇو ڏني وئي؟بيان موجب، پاڪستان اڳ ئي مذهبي انتهاپسنديءَ جو شڪار آهي، ويتر وري اهڙي مهمان جي موجودگي وڌيڪ نقصان ۽ نفرت جو سبب بڻجي سگهي ٿي، نابالغ ڇوڪرين کي نامحرم چوڻ اسان سڀني جي بي عزتي آهي.ان کانسواءِ ڊبليو اي ايف پاران ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کان ملڪ ڇڏڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي .واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يتيم ٻارن جي اداري پاڪستان سويٽ هوم ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي خاص مهمان طور سڏايو ويو هو، پروگرام جي پڄاڻي تي جڏهن ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي هٿان شيلڊ ڏيارڻ لاءِ ڇوڪرين کي اسٽيج تي سڏيو ويو ته هو اسٽيج تان لهي ويو.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اِهي ڇوڪريون سندس لاءِ نامحرم آهن جن کي هو شيلڊ نٿو ڏئي سگهي.سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي اهڙي عمل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
ذاڪر نائيڪ کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي مخالفت
ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته يونيورسٽي جي ٽن سنڊيڪيٽ ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي، ٽيئي ميمبر سنڌ حڪومت پاران نامزد ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڊيڪيٽ ميمبر سعديه جاويد، شاهده رحماني ۽ صاحبزاده معظم قريشي شامل آهن، جن عورتن بابت ڊاڪٽر ذاڪر جي راءِ سان اختلاف ڪيو، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي باضابطه سفارش چانسلر گورنر ڪامران ٽيسوري ڪئي.