ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ھفتو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل 02 ڄڻا احمد دين گولو ۽ غفار گولو جي بازيابي لاءِ سندس جي وارثن طرفان زور ڳڙھه انڊس ھاءِ وي بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏنيون، وارثن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته 8 ڏينهن ٿي چڪا آهن، پوليس هن وقت تائين مغوين کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي. گولا برادري جي چڱي مڙس محمد صلاح گولو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو اسان جو قبيلو شريف آهي تنهن ڪري شرافت جي سزا ڏني پئي وڃي شريف نه ھجون ها ته اسان جا ماڻهوَ اغوا نه ٿين ھا، ضعلي جي پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس ٿي چڪي آهي ۽ هو امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ، شهرين کي ڀتي جون ڇٽيون ڏنيون وڃن ٿيون، چند ڏوهاري پوري ضعلي کي يرغمال بڻايون ويٺا آهن، هن وڌيڪ چيو ته وقت اهڙو اچي ويو آهي جو عوام پنهنجو تحفظ پاڻ ڪري انهي کان علاوه روزاني ماڻهو اغوا ٿين پيا ۽ سري عام شهرين کان هٿيارن جي زور تي چوريون ۽ موٽرسائيڪلون ڦر ڪن پيا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ٻي طرف لڳل ڌرڻي دوران ايس ايڇ او بخشاپور پھچي ڳالهيون ڪيون جتي ھن ھفتي جي مھلت ورتي آهي مھلت ملڻ شرط مظاھرين ڌرڻو ختم ڪيو آهي.