ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 موٽرسائيڪل سوار تيز رفتار ٽرالر سان ٽڪرائجي ويا، حادثي ۾ موٽرسائيڪل تي ويٺل 2 ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب فوتي ٻارڙن ۾ 10 ورهين جو طحه ۽ 9 ورهين جو محمد شاهه شامل آهن، حادثي کانپوءِ علائقي واسي وڏي انگ ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، مظاهرين چيو ته ماڊل ڪالوني موڙ تي ٽريفڪ حادثا معمول بڻجي ويا آهن، حفاظتي انتظام نه ڪيا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته ماڊل ڪالوني جو هي موڙ بند ڪرايو وڃي، فوتي ٻارڙن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙا پنهنجي مامي کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ ويا هئا.