ڪراچي ايئر پورٽ ڌماڪو: سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار

ڪراچي(  رپورٽر ) ڪراچي ايئرپورٽ  ڌماڪي جي جاچ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتارڪيو ويو آهي، جيو فينسنگ ذريعي مليل شڪي نمبرن جي جاچ جاري آهي، ان ڳالهه جو به انڪشاف ٿيو آهي ته واقعي واري هنڌ جي چوڌاري ڪيمرا نه آهن. تفصيل مطابق ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي جاءِ واردات جو هنڌ 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واضح ناهي ٿي سگهيو، جاچ ٽيمن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. پوليس اختيارين ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ سي ٽي ڊي کي موڪلي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب هن وقت تائين ٻنهي صوبن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيو فينسنگ ذريعي حاصل ڪيل شڪي نمبرن جي جاچ جاري آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڏوهن واري هنڌ جي چوڌاري ڪيمرا نه هجڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.