ڄامشورو/ ٽنڊو آدم (نمائندن وٽان) ٽنڊي آدم ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاهھ ايس يو پي اڳواڻ باغي مجاهد ٿهيم سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌو کان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ بعد سنڌ جي زراعت تباهھ ٿي ويندي ۽ ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿيندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آهي، ٿيل عام چونڊون جعلي آهن، جنرل ايوب خان واري اليڪشن جي ياد تازي ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف ڄامشوري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب ڪندي فوجي سربراھه نون صوبن جي قيام جي ڳالهھ ڪئي ان ڳالھ جو فوجي سربراھه کي اختيار ناهي، اهڙي قسم جو غير سنجيده ۽ غير ذميواراڻو بيان ملڪ جي فيڊريشن جي تصور جي خلاف آھي، اهڙا بيان آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ نئين آئيني ترميم جي ڪوشش کي ملڪ جي اعليٰ عدليه تي حملو سمجهون ٿا ۽ اهڙيون منظم آئيني ترميمون ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ سينيئر ججن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ عدالتي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي .
جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ناهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته ان آئيني ترميمن ذريعي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ ۽ آئيني مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي اسان ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.