ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 10 سالن کان گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت لاڳاپيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوارن سنڌ سرڪار جي وڪيل ڪامران بلوچ چيو ته گم ٿيل شهرين جي گهر وارن جي مالي معاونت ڪئي وئي آهي، جاچ آفيسر رپورٽ ۾ چيو ته آرام باغ جي علائقي مان گم ٿيل جنيد، ڪورنگي جي علائقي مان زرين شاھه ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان شهري گم آهن، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.