ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ،صارف پريشان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ سبب صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي  رهيو آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ سروس ۾ خلل سبب آن لائين ڪم ڪندڙ ماڻهو به پريشاني جو شڪار آهن.رپورٽ موجب ڪراچي، لاهور ۽ پشاور جي مختلف علائقن ۾ موبائيل ڊيٽا متاثر ٿيڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انٽرنيٽ سروس بند هجڻ سبب آن لائين ڪم ڪندڙ ماڻهو به پريشاني جو شڪار آهن.ڪراچي ۽ لاهور ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا متاثر ٿيڻ سبب عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته شهرين کي هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.بلوچستان جي راڄڌاڻي ڪوئيٽا ۾ انٽرنيٽ سروس جزوي طور معطل ٿيڻ سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪوئيٽا شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موبائيل ڪمپنين جي 3 جي ۽ فوي جي سروس جزوي طور تي معطل آهي. ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي علائقي جمرود ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب ڪوڪي خيل ۽ اسلام آباد ۾ جلسي جي ڪري موبائل انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي ۽ صارفين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي موبائل فون سروس بند آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.