وفاق پاران گرين لائين بس سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي حڪومت ڊسمبر 2024ع ۾ گرين لائن بس سروس سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيندي، سنڌ سرڪار گرين لائن بس سروس جو ڪاروھنوار سنڀالڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو،  ٽرانس ڪراچي جي سي اي ايو شمائلا محسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ گرين لائن بس سروس جي آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گرين لائن منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ گرين لائن منصوبي کي اورنج لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي بھ تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ٿي. اجلاس ۾سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گرين لائن ۽ اورنج لائن کي ڳنڍڻ واري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ سنڌ سرڪار جي جاري آپريشنز، يوٽيلٽي سروسز ۽ گرين لائن بس سروس لاءِ سبسڊيز تي بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  چيو تھ گرين لائن منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ واري نظام ۾ اھم جـُز آھي،وفاقي سرڪار پاران گرين لائن منصوبو ڊسمبر 2024ع ۾ سنڌ سرڪار حوالي ڪيو ويندو. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار چاھي ٿي تھ گرين لائن ۽ اورنج لائن کي ڳنڍڻ وارو منصوبو ڊسمبر 2024ع کان اڳ ئي مڪمل ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.