ام رباب پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ انصاف جي گهر

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ميهڙ واقعي جي متاثر سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو، جنيوا ڪانفرنس ۾ عدالت کان مٿڀري قتل ۽ پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ غير ضروري دير خلاف آواز اٿاريو آهي، جنيوا جڊيشل ڪانفرنس هڪ اهم عالمي تقريب آهي، جتي سڄي دنيا مان قانوني ماهر، جج ۽ اسڪالر عالمي قانوني نظام ۽ عدالتي قانوني نظام توڙي عدالتي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ هيءَ ڪانفرنس قانون جي حڪمراني، انساني حقن ۽ عدالتي سڌارن بابت خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندي آهي، ام رباب ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪري آواز اٿاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.