ڪراچي (رپورٽر ): سنڌ ۾ تيزي سان پوليو ڪيس وڌي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه انسداد پوليو اجلاس جي صدارت ڪندي سنڌ ۾ پوليو جا 7 ڪيس سامهون اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، ايڊيشنل آءِ جي پوليس عمران يعقوب، صوبائي سيڪريٽرين، ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊي سيز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر پوليو جي موجوده صورتحال ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال پوليو جا 7 ڪيس سامهون آيا آهن. ڪراچي ۾ 3، حيدرآباد ۾ 2 جڏهن ته سجاول ۽ شڪارپور ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير هر ٻار کي پوليو جي خطري کان بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم کي مقامي چونڊيل نمائندن جي مدد سان مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي ڪيسن کي منهن ڏئي سگهجي. سيڪريٽري صحت رحيم بلوچ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدر شاهه ۽ ڪمشنرن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پوليو جي خاتمي بابت ڪيل قدمن ۽ مسئلن بابت رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻارن کي ان موذي مرض کان بچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب پوليو ورڪرن کي سخت حالتن باوجود هر ٻار تائين پهچڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پوليو خلاف مهم ۾ هر ممڪن سهڪار جو عزم ورجايو ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت جو عزم آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه فرنٽ لائن ورڪرن، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين عملي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي پوليو کان پاڪ مستقبل جي اميد پيدا ڪئي آهي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته مهم ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو وڃي، پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته هلندڙ مهيني شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران ڪنهن به ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪيو نه وڃي. وڏي وزير چيو ته پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن سڀني اختيارين ۽ پارٽين کي هدايت ڪئي.
ته هو وڌيڪ خطري ۽ ڏورانهن علائقن ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن.