اسلام آباد(م ڊ) سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود پنجاب چولستان ڪئنال جي منظوري جي ضد تي قائم آهي، تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري واري رٿا سي ڊي ڊبليو پي جي ايجنڊا ۾شامل ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان دستاويزن موجب، اجلاس جي ايجنڊا نمبر 14 ۾ 211 ارب رپين کان مٿي جي رٿا موجود آهي، سنڌ سرڪار اڳ ئي جولاءِ ۾ هن رٿا خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي چڪي آهي، سي سي آءِ مان اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه اچڻ باوجود پنجاب تڪراري رٿا منظور ڪرائڻ واري ضد تي قائم آهي، سنڌ جي آبپاشي کاتي سيپٽمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ به هن رٿا جي مخالفت ڪئي هئي، ٻي پاسي ماهرن پنجاب جي ضلعي بهاولپور ۾ رٿيل ڪينال کي سنڌ جي حصي مان پاڻي ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.