ڪراچي/ گڏاپ (رپورٽ: ماريا اسماعيل ۽ ممتاز شيخ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير ٿر نيشنل پارڪ تي غير قانوني قبضن، ريتي ۽ بجري جي چوري، وڻن جي واڍي، ندين ۽ واهن ۾ پاڻي جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽ، پکين ۽ جانورن جي تحفظ ۽ ناياب وڻن کي ڪٽڻ ۽ زمين جي غير قانوني استعمال تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. گڏاپ جي شهرين طرفان داخل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌي منع نامو جاري ڪندي سيڪريٽري ڪلچرل ۽ وائلد لائيف کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 21 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، کيرٿر نيشنل پارڪ تي غير قانوني قبضي، ريتي بجري چوري ، وڻن جي واڍي ۽ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ، جانورن جي تحفظ سميت ٻين مسئلن خلاف پٽيشن گڏاپ جي ساڃاهه وندن پروفيسر رخمان گل پالاري ۽ حفيظ بلوچ طرفان داخل ڪئي وئي هئي، ٻڌڻي دوران وڪيل سجاد احمد چانڊيو، ڪاظم حسين مهيسر، محمد عمران ڪلمتي، عبيره اشفاق، شڪيل احمد راڄپر، معين مگسي، رجب علي مغيري، جمال ناصر بلوچ، عبدالجبار ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد منع نامو جاري ڪندي سيڪريٽري ڪلچرل ۽ وائلڊ لائيف کي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 21 آڪٽوبر تي پيش ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.