ڪنڌڪوٽ ۾ بگٽي برادري جي چئن مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ بگٽي برادري پاران مغوين جي بازيابي لاءِ پنجين ڏينهن به انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو،  لڪڙا هوٽل واري علائقي ۾ لڳل ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل رهي، ڌرڻي جي اڳواڻي مغوين جي وارثن ۽ ڊيره بگٽي جي معززن مير نوروز، صدر الدين، سعيد احمد، ڪمانڊو بگٽي ۽ ٻين ڪئي.  ان موقعي تي بگٽي برادري جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مغوي اسدالله، بگٽي، منظور بگٽي، عرفان ۽ هئردين بگٽي جي بازيابي تائين ڌرڻن جو سلسلو جاري رهندو، چئن ئي مغوين کي ڀنگ ڀرڻ بنا بازياب ڪرايو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس هڪ ڏينهن جي مهلت ورتي هئي، جيڪا پوري ٿي وئي آهي.

، ترت مغوي آزاد نه ٿيا ته ڌرڻا تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ وڌيڪ سخت ردعمل ايندو.

  1. ملائيشيا جي وزيراعظم سان حافظ نعيم جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد ساڻس تفصيلي ملاقات ڪئي. وفد ۾ جماعت اسلامي جو سيڪريٽري جنرل امير العظيم ۽ پرڏيهي معاملن وارو ڊائريڪٽر آصف لقمان قاضي به شامل هئا. 45 منٽن تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسلامي ملڪن جي قيادت غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ فوري ڪردار ادا ڪن.اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي فلسطيني مزاحمت جي هڪ سال ٿيڻ جي موقعي تي اسرائيلي جارحيت خلاف عالمي سطح تي احتجاج ڪيو ويندو. حافظ نعيم الرحمان فلسطيني زخمين جي علاج لاءِ ملائيشيا جي حڪومت جي ڪوششن کي ساراھيو ۽ انور ابراهيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.

وزيراعظم انور ابراهيم حافظ نعيم الرحمان کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني. امير جماعت اسلامي ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حوالي سان خاص قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي.انور ابراهيم پنهنجي شاگردي واري دور ۾ پاڪستان جي دوري دوران اسلامي جميعت طلبه ۽ سيد ابو علي مودودي سان ٿيل ملاقاتن جون خوشگوار يادون ونڊ ڪيون. ملاقات دوستانه ۽ غير رسمي ماحول ۾ ٿي.

  1. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ واقعا، 6 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. يوسف پلازا ٿاڻي جي حد ايف بي ايريا بلاڪ 16 عبدالله  سينٽر جي ڀرسان فليٽ مان 45 سالن جي طاھر اقبال ولد محمد اقبال جو لاش مليو آهي.پوليس موجب فوتي جي موت جو سبب معلوم ناھي ٿي سگھيو آهي. گلبرگ ٿاڻي جي حد نارٿ ناظم آباد جي علائقي موسي ڪالوني ۾ ضياءَ الدين اسپتال جي ڀرسان زيري تعمير ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي ھيٺان اچي 45 عبدالقادر  فوت ٿي ويو. ڪلفٽن بلاڪ 5 ڪار ڊيل شوروم مان نسيم نالي شخص جو لاش مليو، لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،  نسيم چوڪيدار ھو سندس موت نيچرل ٻڌايو پيو وڃي. ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ واٽر بورڊ جي کوھه مان 40 سالن جي اڻ ڄاتل شخص جو لاش ايڌي بحري خدمت جي رضاڪارن ٻاھر ڪڍي ورتو آهي. سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي ڀرسان روڊ جي ڪناري تان 60 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو آهي. ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد بلوچ ڪالوني پل جي ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ سعيد احمد ولد غلام نبي فوت ٿي ويو ، سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد جنجال ڳوٺ ڀرسان اختر ڪانٽا  جي لڳ فائرنگ جي نتيجي ۾ ذوالقرنين ولد محمد افضل زخمي ٿي پيو. منگھوپير جي علائقي صائما اربن والا بلاڪ 2 E جي فليٽ نمبر 105 ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 16 سالن جي لائبا ڌي ماجد علي زخمي ٿي پئي. شاھراع نور جھان ٿاڻي چي حد نارٿ ناظم آباد بلاڪ آر ڀرسان صغرا مسجد لڳ فائرنگ جي نتيجي ۾ وسيم ولد سجاد زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.