اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 63 اي جي تشريح بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اچو ۽ اسان کي بي عزت ڪيو، اهو اسان قطعي برداشت نه ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ 63 اي جي تشريح بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل وڪيل مصطفين ڪاظمي روسٽرم تي اچي چيو ته هيءَ 5 رڪني لارجر بئنچ غير آئيني آهي، اسان جا 500 وڪيل ٻاهر آهن، ڏسون ٿا ته توهان ڪيئن اسان جي خلاف فيصلو ٿا ڏيو، ان تي چيف جسٽس طرفان ويهڻ جي هدايت ڪرڻ باوجود نه ويهڻ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پوليس کي هدايت ڪئي ته مصطفين ڪاظمي کي ٻاهر ڪڍو، جنهن کان پوءِ کيس ٻاهر ڪڍيو ويو، ان کانپوءِ چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ علي ظفر توهان اچو ۽ اسان کي بي عزت ڪيو اسان اهو قطعي برداشت نه ڪنداسين، ججن سان بدتميزي جو اهو طريقو هاڻ عام ٿي ويو آهي، جسٽس جمال مندوخيل بئريسٽر علي ظفر کي چيو ته توهان لاءِ جيڪا ٿوري به همدردي هئي، اها به توهان جي رويي مان ختم ٿي وئي، جڏهن ته جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ان تي هاڻي پروگرام ٿيندا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هاڻي اوهان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان ادارن کي ايئن هلائڻ چاهيو ٿا؟ چيو وڃي ٿو ته ججن جا ٻه گروپ آهن.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس ڪيترن پارليامينٽ ميمبرن کي جيل موڪليو؟ ثاقب نثار توهان جي ڪيترن پارليامينٽ ميمبرن کي جيل موڪليو، اهو منهنجو گناهه آهي جيڪو مان برداشت ڪريان ٿو، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل علي طفر واقعي جي ذميواري کان پاڻ کي آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيف جسٽس چيو ته ان جا ذميوار توهان آهيو، توهان ڪيس هلائڻ نٿا چاهيون ته نه هلايو.چيف جسٽس چيو ته توهان جي پارٽي ان ايڪٽ جي مخالفت ڪئي هئي، جيڪڏهن توهان جي پارٽي سڀاڻي اهڙو قانون ٺاهي ته ڇا مان چئي سگهان ٿو مون کي پسند ناهي، ججن جي پسند يا ناپسند جو معاملو ناهي، اسان ترميمي آرڊيننس کي چئلينج ناهي ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڏهن عام چونڊون توهان جي پارٽيءَ جي درخواست تي ٿيون ته ان وقت توهان گاريون ڇو نه ڏنيون؟ چيف جسٽس، علي ظفر کي چيو ججن جي چونڊ توهان نه ٿا ڪري سگهو، اهو عمل تباهه ڪندڙ آهي، هاڻي اهو زمانو ويو، هاڻي شفافيت اچي وئي آهي، هاڻي آمريت نه ملڪ ۾ نه وري ادارن ۾ ايندي، جنهن تي علي ظفر چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي، چيف جسٽس چيو ته سٺي ڳالهه نه چئو، پهريان توهان پنهنجي ماضي جي ڪمن جو ڪفارو ڪريو، هاڻي اسين جيڪو ڪجهه ڪريون ٿا اهوٻڌائيندا آهيون ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، ماضي کي واپس اچڻ نه ڏينداسين.چيف جسٽس بئنچ تي اعتراض رد ڪندي توهان چيو ته فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته اسان ٻڌائي ڇڏيو، اسان سڀني جو گڏيل فيصلو آهي ته بئنچ جو اعتراض رد ڪيون ٿا، ان تي علي ظفر چيو ته بئنچ ٺاهيندڙ ڪميٽي جا ميمبر بئنچ جو حصو آهن، پاڻ ڪيئن بئنچ جي جوڙجڪ کي قانوني قرار ڏئي سگهن ٿا؟ چيف جسٽس چيو جيڪڏهن ائين ٿئي ته ججز ڪميٽي جا ميمبر ڪنهن بئنچ جو حصو ئي نه بڻجي سگهن، توهان اسان کي ڳالهيون ٻڌائيندا آهيو ته پوءِ ٻڌو به، اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن مان آهيون ٽوڙڻ وارن مان ناهيون، اسان اهي ڪيس به ٻڌا جيڪي ڪنهن ٻڌڻ جا چاهيا، پرويز مشرف جو ڪيس به اسان ٻڌو، ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مان 63 اي ڪيس ۾ بئنچ جو حصو هيس، ڇا هاڻ مان نظرثاني بئنچ ۾ ويهڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهان؟ ڇا ائين ڪرڻ حلف جي ڀڃڪڙي هوندو؟ چيف جسٽس چيو هتي ته فيصلن کي رجسٽرار کان ختم ڪرايو ويو آهي، مان بئنچ ۾ انهن ئي ججن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مان ڪنهن کي مجبور نٿو ڪري سگهان، جيڪڏهن چيف جسٽس جو موڊ سهي نه هجي، ڪو حادثو ٿي وڃي ۽ اجلاس ۾ نه اچي ته ڇا سپريم ڪورٽ بند ٿي ويندي؟ عدالت علي ظفر کي پي ٽي آءِ باني سان مشاورت ڪرڻ جي اجازت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.