اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ موبائل فينوفيڪچرنگ ۾ زبردست واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
گذريل مهيني سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۾ موبائل فينوفيڪچرنگ ۾ ماهوار 55 سيڪڙو جي وڏي واڌ ٿي.
پي ٽي اي موجب سيپٽمبر 2025 ۾ 3 لک کان وڌيڪ موبائل فونز مقامي طور تي تيار ۽ اسمبل ڪيا ويا، جيڪا پيداوار جي لحاظ سان سالياني 40 سيڪڙو ۽ ماهوار 55 سيڪڙو واڌ آهي.
مالي سال 2025 جي 9 مهينن ۾ مقامي طور تيار ۽ اسمبل ٿيندڙ موبائل فونز جو وڪرو 2 ڪروڙ 22 لک يونٽس کان وڌيڪ رهيو.
وڪرو ٿيندڙ موبائلز ۾ هڪ ڪروڙ يونٽس 2 جي هئا، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 10 لک يونٽس سمارٽ فونز جا وڪرو ٿيا، مجموعي وڪري ۾ 2 جي جو حصو 48 سيڪڙو، جڏهن ته سمارٽ فونز جو 52 سيڪڙو رهيو.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مقامي فينوفيڪچرنگ مان 94 سيڪڙو طلب پوري ڪندو آهي، اميد ته ايندڙ سال موبائل فونز جي وڪري ۾ 7 کان 9 سيڪڙو واڌ ٿيندي.
You might also like