لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ محمد وسيم کي عهدي تان هٽائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، محمد وسيم کي هيڊ ڪوچ جي عهدي تان هٽائي ايندڙ هفتي نئين هيڊ ڪوچ جي مقرري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته محمد وسيم کي 2024ع ۾ قومي وومينز ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو، هاڻ کيس هٽائڻ جا ڪارڻ به سامهون اچي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد وسيم جي ڪوچنگ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪارڪردگي مسلسل زوال جو شڪار رهي، بورڊ جي مڪمل حمايت باوجود به هو نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
دعوائن جي ابتڙ ٽيم وومينز ورلڊ ڪپ جو هڪ به ميچ نه کٽي سگهي، جڏهن ته هيڊ ڪوچ هئڻ باوجود پليئرز کي مناسب ڪوچنگ نه ڏيڻ جون شڪايتون به سامهون آيون آهن.
هو هيڊ ڪوچ سان گڏ ٽيم جي سليڪشن ۽ سپورٽ اسٽاف جي مقررين ۾ به شامل رهيو، پر ان باوجود به نتيجا ٻُڙي رهيا، وومينز ٽيم بالنگ ۾ مسلسل تنزلي جو شڪار رهي ۽ فيلڊنگ به بهتر نه آئي.
You might also like