لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل فرنچائزز سان نوان معاهدا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پي ايس ايل فرنچائزز سان ڏهن سالن لاءِ نئين معاهدي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، ان سلسلي ۾ پي ايس ايل جي چارٽرڊ فرم جي نمائندن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر سلمان نصير ۽ سي او او سمير سيد پڻ موجود هئا، جڏهن ته ويليوئيشن فرم محسن نقوي کي پي ايس ايل جي مالي رپورٽ پيش ڪئي.
پي سي بي چيئرمين رپورٽ بابت سوال به ڪيا ۽ چارٽرڊ فرم کي سڀني فرنچائزز سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
محسن نقوي چيو ته فرنچائزز سان نوان معاهدا جلد مڪمل ڪيا وڃن، نئون فرنچائز معاهدو ويليوئيشن رپورٽ جي بنياد تي طئي ڪيو ويندو ۽ چارٽرڊ فرم فرنچائزز جي نئين مارڪيٽ ويليو جو جائزو وٺندي.
پي سي بي موجب، پي ايس ايل جي ڇهن فرنچائزز جا معاهدا ڊسمبر ۾ ختم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پي ايس ايل ۾ وڌيڪ ٻن ٽيمن جو واڌارو ٿيڻ وارو آهي، نوان معاهدا رڳو اهل فرنچائزز سان ٿيندا.
” جلدي ڪيو“ محسن نقوي پاران پي ايس ايل فرنچائزز جي نوَن معاهدن بابت اهم هدايتون جاري
You might also like