ڊي سي ڪيچ جي گاڏي تي ريموٽ بم ڌماڪو، ليوي اهلڪارن سميت 8 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي تي ريموٽ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ليوي اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڌماڪو تربت پريس ڪلب روڊ تي ان وقت ٿيو، جڏهن ڊپٽي ڪمشنر جو قافلو اتان گذري رهيو هو، زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر بشير احمد محفوظ رهيو، سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ورتو ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.
ايس ايس پي ڪيچ ڪيپٽن (ر) زوهيب محسن بلوچ ٻڌايو ته بارودي مواد موٽر سائيڪل ۾ رکيو ويو هو، جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول جي مدد سان اڏايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.