اسلام آباد(آصف بشير+اسد ملڪ+ثاقب بشير)سپريم ڪورٽ ۾ واضح ڏار پئجي ويا، آرٽيڪل 63 اي تشريح ڪيس ۾ جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ نه ويهندو، سپريم ڪورٽ ۾ سياسي ڪيسن جي بار سبب عام ڪيسن جا درخواست گذار رُلي ويا،اعليٰ عدليه تي عام ڪيسن جو بار وڌي ويو، جج سياسي ڪيس روزاني بنيادن تي ٻڌن ٿا ۽ اڪثر ڪيسن ۾ جوابدار ڄاڻايل فوت ٿي وڃن ٿا ۽ عدالت بعد ۾ انهن کي بري ڪندي آهي،پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آرڊيننس تي شڪ شبها وڌڻ لڳا،اهو آرڊيننس فرد واحد جي طاقت وڌائڻ لاءِ تصور ٿيڻ لڳو،پريڪسٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب کي ڪڍي جسٽس امين الدين کي شامل ڪري ڇڏيو،سينئر جج منصور شاهه ان عمل تي احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي،آئيني عدالت جو معاملو مخصوص فرد کي نوازڻو آهي يا عام مفاد جو معاملو آهي؟ ماتحت عدليه تي ڪيسن جو انگ 22 لک کان وڌيڪ آهي، هاءِ ڪورٽن تي ڪيسن جو انگ 6 لک کان وڌيڪ آهي،سپريم ڪورٽ ۾ سول ۽ فوجداري ڪيس ڪڍجن ته آئيني معاملن بابت ڪيسن جو انگ تمام گهٽ آهي،آئيني ترميمن جو مقصد سياسي آهي،12جولاءِ واري فيصلي کانپوءِ حڪومت کي ترميمن جو خيال آيو،20 سيپٽمبر تي جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس مان اهو تاثر اڀريو ته سپريم ڪورٽ ۾ بئنچن جي جوڙجڪ ۽ چيف جسٽس کي وڌيڪ طاقت بخشڻ لاءِ اهو آندو ويو آهي، ان تي جسٽس منصور علي شاهه سوال اٿاريو ته جڏهن فل ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڪري چڪو آهي، هاڻي آرڊيننس آيو به آهي ته اهو فل ڪورٽ آڏو رکيو وڃي، آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ حڪومت ترميمون آڻي رهي آهي ۽ مخصوص سياسي حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي تشريح ڪيس جي 30 سيپٽمبر تي ٻڌڻي سواليه نشان آهي،20 ۽ 30 سيپٽمبر جي ٻن واقعن سپريم ڪورٽ اندر وڌيڪ ڏار وجهي ڇڏيا آهن، آرٽيڪل 63 اي ڪيس جو فيصلو ايندي ئي حڪومت آئيني ترميم جو مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،عدالت جيڪڏهن اپوزيشن ميمبر جو ووٽ ڪائونٽ ڪرڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته اها آئين جي ٻيهر ري ڪنسٽيٽيوشن هوندي،مخصوص سياسي حالتن ۾ ان قسم جو فيصلو عدالت پاران حڪومت جي سهولتڪاري تصور ڪئي ويندي،55 آئيني ترميمن جو ڊرافٽ پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار کي ناهي ڏيکاريو ويو، ٻنهي وڪيل تنظيمن تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ جي گروپ جو غلبو آهي،ترميمن تي ٻئي تنظيمون حڪومت سان گڏ بيٺل نظر اينديون، آئيني عدالت يا ٻين معاملن لاءِ ترميمن تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي،ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن مان اسٽيبلشمينٽ گهڻو تنگ آهي،جسٽس بابر ستار هڪ مهيني جي وڌيڪ موڪل تي هليو ويو آهي، شايد هو واپس عدالت نه اچي، اهي به اطلاع آهن ته ٻه ٽي جج شايد استعيفيٰ ڏئي ڇڏين،