هر اداري اندر احتساب ترقياتي ايجنڊا جو حصو بڻائڻ گهرجي: حسن اقبال

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبا بندي، ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ موثر حڪمراني جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته هر شهري کي فيصلي سازي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.هن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل "آواز ٽو پروگرام” جي افتتاحي سيشن ۾ خطاب ڪندي چيو ته سماجي شموليت، اداراجاتي احتساب ۽ عوامي حصي ۾ اضافي تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي. احسن اقبال چيو ته سماجي شموليت ۽ اداراجاتي احتساب کي قومي ترقياتي ايجنڊا جو حصو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته ڪو به ملڪ ان وقت تائين حقيقي ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي جڏهن تائين ان جي پاليسين ۾ عوام جي آواز شامل نه هجي. ان مطابق، شفافيت ۽ شموليت پائيدار حڪمراني جي بنياد آهن ۽ حڪومت پاڪستان انهن اصولن کي پنهنجي اصلاحاتي پاليسين ۾ شامل ڪري چڪي آهي.هن زور ڏنو ته نوجوانن کي قومي ترقي جي عمل ۾ مرڪزي ڪردار ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزارت منصوبا بندي ملڪ جي 42 شهرن ۾ 131 تعليمي ادارن ۾ ” ینگ پيس اينڊ ڊولپمينٽ ڪور” قائم ڪري رهي آهي، ته جيئن نوجوانن کي امن، قيادت ۽ سماجي ترقي لاءِ تربيت ڏني وڃي. احسن اقبال چيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سان گڏجي سي ايس ايس امتحانن ۾ اردو زبان کي اختياري مضمون طور متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن نوجوان پنهنجي قومي زبان ۾ اظهارِ خيال ۽ تجزيي کي بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.