خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدل ڦلپوٽو ۾ گهٽيءَ ۾ پاڻي بيھڻ تان ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ ڪري هڪ عورت قتل ٿي وئي، ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ٻڌايو ويو ته خيرپور جي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدل ڦلپوٽو ۾ گهٽيءَ ۾ پاڻي بيھڻ تان ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب عورت مسمات شرما خاتون قتل ٿي وئي آھي جڏهن ته ٻه ڄڻا سليم ۽ منور ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيا، عورت جي لاش توڙي زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو، جڏهن ته جهيڙي ۽ عورت جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول عورت جي وارثن طرفان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.