شڪارپور (ڊر) سنڌ حڪومت جي “ڪامياب امن مشن سرينڊر پاليسي 2025” تحت شڪارپور ۾ امن جي قيام ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي 72 خطرناڪ ڏوهارين پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. شڪارپور ۾ منعقد ٿيل تقريب جي صدارت سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪئي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران ڪچي جي علائقي ۾ جاري پوليس آپريشن جون ڪاميابيون تفصيل سان پيش ڪيون ويون. چيو ويو ته ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻي هيٺ ڪيترن مهينن کان جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي نتيجي ۾ مثبت نتيجا سامهون آيا۔ پوليس جي دٻاءَ ۽ لڳاتار ڪارروائين سبب ڪچي جا ڪيترائي خطرناڪ ڏوهاري گروهه ڪمزور ٿي ويا، جن مان 282 گهربل ۽ انعام يافته ڏوهارين مان ڏوهارين هٿيار ڍڪي قانون آڏو سرِتسليم خم ڪيو۔تقريب ۾ صوبائي گهرو وزير سان گڏ ايم پي اي امتياز احمد شيخ، اڳوڻو وفاقي وزير عارف خان مھر، بابل خان ڀيو، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، ذوالفقار ڪماريو، شھريار مھر، سردار تيغو خان تيغاڻي سميت ڪيترن سياسي، سماجي ۽ قبيلائي شخصيتن شرڪت ڪئي۔آخر ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.صوبائي وزير ضياالحسن لنجار پيش پوندڙن کي يقين ڏياريو آهي ته انهن جوعدالتن کان مٿاهون قتل نه ٿيندو، ۽ انهن کي عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي پوندي. ضيا لنجار چيو ته سرينڊر ڪرڻ جي پاليسي صدر آصف علي زرداري جو قدم آهي، ۽ اهو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته جيڪي ڌاڙيل پيش ٿي رهيا آهن، انهن جي خاندانن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته "ڪچي ۾ رستا ٺاهيا ويندا، روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ بينظير ڪارڊ سان ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي.” هن وڌيڪ چيو ته هر شهري امن چاهي ٿو. تقريب ۾ پوليس، سول انتظاميه، رينجرز آفيسرن ۽ مقامي سردارن سان گڏ ڪيترائي اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. صوبائي وزير ڪور ڪمانڊر ڪراچي جو ٿورو ادا ڪيو ته انهن جي مدد سان اهو ممڪن ٿي سگهيو آهي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اهي حالتون جيڪي 40 سال اڳ هيون، اڄ نه آهن، پر شڪارپور ۽ سکر ۾ ڪجهه مشڪلاتون ضرور آهن. هن چيو ته ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار هئا، اهي پوليس وٽ موجود نه هو، ۽ رسائي جا مسئلا پڻ هئا. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 288 ڌاڙيلن سرينڊر لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. سرينڊر ڪندڙن ۾ گهڻا ڌاڙيل تيغاني ڪميونٽي سان تعلق رکڻ وارا آهن.تيغاني ڪميونٽي جي سردار چيو ته اهي غريب ماڻهو آهن ۽ تعليمي لحاظ کان پڻ پٺتي آهن، ۽ اميد رکندا آهن ته حڪومت جي طرفان ڏنل ريليف انهن لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو.شڪارپور مان ميمبر قومي اسيمبلي شهر يار مهر چيو ته اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ڇا اهي ڪنهن دٻاءَ ۾ اچي سرينڊر ڪري رهيا آهن يا نه. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين انهن جي بحالي پروگرام تي مڪمل عمل نٿو ڪيو وڃي، هي پروگرام مڪمل نه ٿيندو. پوليس موجب، هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ سونارو تيغاڻي، نور حسن جتوئي، سکو تيغاڻي ۽ علي گل تيغاڻي شامل آهن، جن تي مختلف علائقن ۾ انعام رکيا ويا هئا، جيئن سونارو تيغاڻي جي گرفتاري تي 60 لک، نور حسن جتوئي تي 50 لک، سکھو تيغاڻي تي 60 لک ۽ علي گل تيغاڻي تي 50 لک انعام مقرر ڪيو ويو هو.
-
ڌاڙيلن لاءِ سرينڊر پاليسي عارضي حل،سماجي سڌارا ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ضروري
لاهور(امداد سومرو)سنڌ حڪومت جي ”دهشتگردي ۽ ڌاڙيل خاتمي“ واري پاليسي تي عمل شروع ٿي ويو آهي۔ شڪارپور ضلعي ۾ لڳ ڀڳ 72 ڌاڙيلن هٿيارن سميت پوليس آڏو سرينڊر ڪيو۔ انهن وٽان لڳ ڀڳ 200 هٿيار به پوليس حوالي ڪيا ويا،اهي ئي اهي ڌاڙيل هئا، جيڪي اڳ ۾ وڊيوز ذريعي پوليس کي چئلينج ڪندا هئا ته “اچو اسان سان وڙهو”! مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ماضي ۾ چئي چڪا هئا ته “ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ فوج کان به وڌيڪ طاقتور هٿيار آهن، تنهنڪري پوليس اڪثر نقصان کائي ٿي۔”صدر آصف علي زرداري گذريل سال سکر ۾ علائقائي سردارن ۽ زميندارن کي گڏ ڪري چئي چڪو هو ته “امن قائم ڪيو، هي حد ٿي وئي آهي، هاڻي معصوم ٻارن ۽ مزدورن جا اغوا به عام ٿي ويا آهن،جنهن کانپوءِ هڪ ”سرينڊر پاليسي“ تجويز ڪئي هئي، جيڪا هاڻي عملي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي۔انهن 72 ڌاڙيلن جي مٿان مجموعي انعامي رقم لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپيا مقرر هئي — ڪنهن تي 20 لک، ڪنهن تي وڌيڪ۔ پوليس جي آپريشنز ۾ ڪيترائي مارجي ويا، ڪيترائي فرار ٿي ڪچي ۾ لڪي ويا، ۽ هاڻي سرينڊر ڪري رهيا آهن۔ حڪومت انهن کي يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي قانون جي حوالي ٿي وڃن ته عدالتن ۾ منصفاڻي ڪارروائي ٿيندي،خاندانن کي تڪليف نه ڏني ويندي،ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وينديون،۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا۔ “هي قدم يقيناً سٺو آهي، پر تڏهن ئي پائيدار ٿيندو جڏهن ڪچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقاهٿيارن کان پاڪ ڪيا ويندا ۽ ڀوتارڪي نظام جو خاتمو ڪيو ويندو۔”ڪچي ۾ ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيل ان ڪري بڻيا جو برادري وارن جهڳڙن، زمين ۽ پاڻي جي تڪرارن ۾ ڦاسي ويا — ڪو ماڻهو مئو، دشمنيون وڌيون، ۽ پوءِ ماڻهو هٿيار کڻي ڪچي ۾ وڃي لڪي پيا۔انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ صرف پوليس ڪارروائي نه، پر سماجي اصلاح ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ به ضروري آهي، جيستائين ڪچي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ صنعتون ۽ روزگار جا مرڪز نه ٺهندا، اوچتا آپريشن ۽ سرينڊر فقط عارضي حل آهن، نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي انڊسٽريل زون ٺاهيا وڃن، جيئن نوجوان هٿيار بدران محنت کي ترجيح ڏين سنڌ ۾ هڪ پاسي ڪچي جي ڌاڙيلن جو هٿيارن سميت سرينڊر امن لاءِ سٺو اشارو آهي، پر ان سان گڏوگڏ ڀوتاري نظام، بي روزگاري ۽ سماجي نابرابري کي به ختم ڪرڻ ضروري آهي۔