ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي جڏهن ته فصل 2025-26 دوران 8 لک کان 12 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، اها ڳالهه ڪالهه منجهند جو وزير اعلي هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي آهي۔ هن چيو ته هي قدم 55 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو حصو آهي جنهن ۾ پوک جي وڌندڙ خرچن کي گهٽائڻ ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ بهتري لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ تي وڏيون سبسڊيون شامل آهن۔ ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سردار محمد بخش مهر ۽ مخدوم محبوب زمان پڻ موجود هئا ۔ مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي خريداري مارڪيٽ جي استحڪام ۽ آبادگارن کي مڊل مين جي استحصال کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي۔ حڪومت جو مقصد اهو آهي ته ڀاڻ جي وقت سر فراهمي، شفاف خريداري، ۽ آبادگارن کي فوري ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن اهي گندم جي پوک ۾ دلچسپي برقرار رکن ۽ خوراڪ ۾ خودڪفالت حاصل ڪري سگهن۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي جنهن سان انهن کي پنهنجي محنت جو منصفاڻو معاوضو ملي ٿو۔ وڏي وزير چيو امدادي قيمت آبادگارن کي اعتماد ڏئي ٿي ته انهن جي محنت جي قدر ڪئي پئي وڃي۔ مراد علي شاهه ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن سبب شروعاتي ڏکيائون پيش آيون پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان وفاقي منظوري حاصل ٿي۔ هي ڪاميابي محدود مالي وسيلن باوجود گڏيل حڪمت عملي سان ٿيل اثرائتي ڳالهين جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي۔ هن چيو ته 2023-24 ۾ سنڌ حڪومت جي ڪامياب ڪڻڪ خريداري مهم مارڪيٽ کي مستحڪم رکيو، اٽي جي کوٽ کان بچايو ۽ قيمتي زرمبادلي جي بچت ڪئي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شروع ۾ 4000 رپيا في من جي سفارش ڪئي هئي پر آبادگارن کي جلد فائدو پهچائڻ لاءِ وفاقي سطح تي مقرر ٿيل 3500 رپيا جي شرح قبول ڪئي وئي۔ هن چيو ته هن سال سنڌ حڪومت 8 کان 12 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي ۽ ضلعي انتظاميا کي شفاف ۽ وقت سر ڪارروائي لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي، رليف پيڪيج ۾ هر ايڪڙ لاءِ هڪ ڊي اي پي ۽ ٻه يوريا جا ٿيلها ڏيڻ جو منصوبو پڻ شامل آهي۔ هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته حڪومت شهرن ۽ ٻهراڙي ۾ امن امان قائم رکڻ تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي وفاقي حڪومت جي افغان شهري موٽائڻ بابت فيصلي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو هاڻي قومي سطح تي اتفاق آهي ته سڀ افغان پناهگير پنهنجي ملڪ واپس ويندا۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي پاليسي تي مڪمل عمل ڪندي ۽ يقيني بڻائيندي ته اهو عمل پرامن ۽ قانوني طريقي سان مڪمل ٿئي ڊينگي وبا تي ڳالهائيندي هن چيو ته صحت کاتي کي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مڇر مار اسپري جي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن شهري محفوظ رهن۔