اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت تيل اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 2 رپيا 7 پيسا في ليٽر سستو ڪيو ويو. پيٽرول جو نئون اگهه 247 رپيا 3 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 40 پيسا لاٿ ڪئي وئي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 246 رپيا 29 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو. لائيٽ ڊيزل هڪ رپيو 3 پيسا گهٽجڻ کانپوءِ نئون اگهه 140 رپيا 90 پيسا في ليٽر ٿي ويو. ۽ گاسليٽ 3 رپيا 57 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻ کانپوءِ 154 رپيا 90 پيسن جو ٿي ويو. نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا.