ڀارتي ليکڪه جو غزا حملن تي احتجاج، ايوارڊ وٺڻ کان انڪار

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي شاعره ۽ ليکڪه جيسنتا ڪرڪيتا غزا ۾ اسرائيلي حملن خلاف سخت احتجاج ڪندي آمريڪي فنڊ مان ملندڙ ڀارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيسنتا ڪرڪيتا چيو ته هندستان جو يوٿ آرٿر ايوارڊ ٻارن جي تعليم بابت آمريڪي سهڪار سان ڏنو پيو وڃي. هي ماڻهو ٻارن کي مارڻ وارن هٿيارن جو ڪاروبار ۽ ٻارن جي سار سنڀال گڏ گڏ ڪيئن ٿا ڪري سگهن ٿا؟ جيسنتا ڪرڪيتا چيو ته دنيا جا بالغ ماڻهو فلسطين ۾ مارجي ويل هزارين ٻارن کي بچائڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.