بيروت (م ڊ)حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ تنظيم جي عارضي سربراهه نعيم قاسم پنهنجي پهرين تقرير ۾ پنهنجي مقصدن کان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. نعيم قاسم چيو ته اسان پنهنجي ليڊر ۽ ڀاءُ کي وڃائي ڇڏيو آهي، جيڪو پنهنجي ويڙهاڪن سان پيار ڪندو هو. هن چيو ته اسان دير ڪرڻ بدران جلد ئي طريقي موجب پنهنجو ليڊر چونڊينداسين ۽ اسان لبنان جي حفاظت ۽ غزه جي حمايت جي مقصد کان پوئتي نه هٽنداسين. هن چيو ته اسان اسرائيل جي اندر 150 ڪلوميٽرن تائين حملا ڪري رهيا آهيون، حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ به اسان جون ڪارروايون جاري رهنديون ۽ جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ زميني ڪارروائي ڪندو ته ان لاءِ تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندو ۽ اسان 2006ع جي جنگ وانگر هاڻي به اسرائيل خلاف فتح حاصل ڪنداسين.