پيرجوڳوٺ/احمدپور (رپورٽ: وسيم سنڌي + مختيار علي ميتلو) احمدپور لڳ ڳوٺ ماستر درمحمد ميتلي واسڻ 60 ورهين جي نصيران ميتلو کان زمين تان گاھه ڪرڻ دوران ھٿياربندن ڪنن مان سونيون واليون لاھي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيرسن سخت مزاحمت ڪئي، جنهن تيي ھٿياربندن پسٽل جون سڌيون گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته پيرڳوٺ ۽ احمدپور پوليس جي حد بندي جي تڪرار سبب پيرسن عورت جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين گهر ۾ پيل رهيو آهي واقعي جو ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو نوٽيس ورتو. ايس ايس پي خيرپور جي حڪم بعد پيرجوڳوٺ پوليس ٻن ڪلاڪن بعد مقتول عورت جو لاش پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او احمدپور غلام حيدر بھڻ ٻڌايو ته پيرسن عورت کي فصل مان گاهه ڪرڻ دوران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي مقتولا عورت جو گهر احمدپور ٿاڻي جي حد ۾ آهي ۽ واقعي وارو هنڌ پيرجوڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ آهي، ٻئي طرف آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.