انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پڌرائي ۾ چيو ويو ته انڪم ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. ٽيڪس ڏيندڙ ڏنڊ ۽ سزا کان بچڻ لاءِ ٽيڪس جمع ڪرائين.

  1. وچ اوڀر ۾ هر هنڌ اسان پهچي سگهون ٿا: نيتن ياهو جي ڌمڪي

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو ايراني عوام کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته سندن اڳواڻ غزا ۽ لبنان جي دفاع تي تقريرون ڪري رهيا آهن پر ”هر گذرندڙ ڏينهن سان ايراني حڪومت خطي کي اونداهي ۽ وڏي جنگ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ ڪا به اهڙي جاءِ ناهي جتي اسرائيل نه پهچي سگهي، اهڙي ڪا به جاءِ ناهي جتي اسان پنهنجي عوام ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ نه وڃون. ايراني عوام کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ايراني حڪومت ايراني عوام کي تباهي جي ويجهو آڻي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن ايران  آزاد ٿي ويندو ته سڀ ڪجهه بدلجي ويندو ۽ ٻئي قومون امن سان رهي سگهن ٿيون. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته جنوني ملن کي پنهنجي اميدن ۽ خوابن کي چيڀاٽڻ نه ڏيو، توهان بهتريءَ جا حقدار آهيو. ايراني عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته اسرائيل اوهان سان گڏ آهي. اسان گڏجي هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل ڏسنداسين.

  1. انٽرميڊيٽ بورڊ چيئرمينن جي مقرري خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت پاران انٽرميڊيٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست تي جلد ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي. سنڌ حڪومت جي وڪيل درخواست  ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم بورڊ سربراهن جي مقرري ۾ رڪاوٽ آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هي انتهائي اهم معاملو آهي، تعليمي ماحول متاثر ٿي رهيو آهي، ان ڪري درخواست تي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي ته جيئن چيئرمين جي مقرري لاءِ رستو کُولي سگهي. سنڌ حڪومت جي درخواست موجب 2021ع ۾ بورڊ جي چيئرمين لاءِ سرچ ڪميٽي ذريعي اشتهار جاري ڪيو ويو، سرچ ڪميٽي درخواست ڏيندڙ جو نالو شارٽ لسٽ ڪري اڳتي موڪليو هو، عدالت 10 آڪٽوبر تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي.

  1. ايندڙ ٻڌڻي تي جواب نه آيو ته ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿئي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وائيس آف بلوچ مسنگ پرسن جي جنرل سيڪريٽري سمي دين بلوچ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. وفاقي حڪومت جي وڪيل جواب  جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. وڪيل جبران ناصر چيو ته گذريل ڀيري به سرڪاري وڪيل مهلت گهري ڪئي. سرڪاري وڪيل چيو ته اسلام آباد مان جواب اچڻو آهي، ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان ڪو جواب ناهي مليو، هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي. عدالت سرڪاري وڪيل جي درخواست تي کيس وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرايو ويو ته ڊي جي ايف آءِ اي پاڻ پيش ٿئي.

  1. روس ۾ وڏو ڏڪار، دنيا ۾ ڪڻڪ جي بحران جو خطرو

ماسڪو (م ڊ) روس هن سال وڏي ڏڪار جو خطرو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هن جي ڪڻڪ جي پيداوار متاثر ٿيندي. روس ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ وارو سڀ کان وڏو  ملڪ  آهي. روس ۽ يوڪرين ۾ ڪڻڪ جي پئداوار ملڪي ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ٻئي ملڪ وڏي پيماني تي ڪڻڪ ٻاهر موڪلن ٿا. روس ۾ سخت موسمي حالتن ڪڻڪ سميت ٻين ڪيترن ئي فصلن کي سخت نقصان پهچايو آهي. ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار به  متاثر ٿي رهي آهي. روس ۾ زرعي تجزيه نگار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري انتظام نه ڪيا ويا ۽ سياري ۾ سٺي پوک نه ڪئي وئي ته ايندڙ سال زرعي پئداوار سخت متاثر ٿيندي. زرعي ماهرن صورتحال کي انتهائي پريشان ڪندڙ قرار ڏنو. ايندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.

  1. نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ اڄ چارج سنڀاليندو

راولپنڊي (م ڊ) نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ عهدي جي چارج سنڀاليندو. ياد رهي ته وزيراعظم ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي انٽر سروسز انٽيليجنس جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو هو. ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي ريٽائر ٿيڻ تي سندس جاءِ تي کيس مقرر ڪيو ويو. سرگوڌا سان واسطو رکندڙ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جي ايڇ ڪيو ۾ ايجوٽنٽ جنرل جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ فوجي ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو. سندس پيءُ غلام محمد به ليفٽيننٽ جنرل مقرر رهيو جنهن کي عام طور تي جنرل جي ايم طور سڃاتو وڃي ٿو، هو ڪور ڪمانڊر راولپنڊي به رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم ان کان اڳ بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري بريگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو آهي. هو پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشير به حاصل ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ هو چيف انسٽرڪٽر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا به مقرر رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جرنل عاصم ملڪ فيوريٽ ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جو گريجوئيٽ به آهي. ان کان اڳ هو ملٽري آپريشنز ڊائريڪوريٽ ۾ به فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.