خيرپور/ٻٻرلوءِ (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+سعيد جتوئي) خيرپور جي شاگردن ايم ڊي ڪيٽ رزلٽ رد ڪري ڇڏيو، قومي شاھراھه ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي 5 ڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ ھو ته پيپر وقت کان اڳ ليڪ ڪري سيٽون پئسن عيوض وڪرو ڪيون ويون آهن ۽ ميرٽ جي سرعام لتاڙ ڪئي وئي آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته ھڪ ڏينھن اڳ پيپر ليڪ ڪيو ويو آهي، 10/10 لک عيوض سيٽون وڪرو ڪيون ويون آهن، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن ۽ پيپر ليڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن.