ليبر کاتو اجرت ۾ واڌ جي معاملي تي اجايو دير ڪري رهيو آهي: ٽريڊ يونين

ڪراچي (رپورٽر) نيشنل ٽريڊ يونين جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور چيو آهي ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيا مقرر  ڪرڻ تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته بجيٽ ۾ تجويز ڪيل پگهار جي سمري 18 سيپٽمبر تي وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي پر عمل ناهي ٿيو. هن چيو ته محنت کاتي اڻ تربيت رکندڙ مزدورن جي پگهار 37 هزار رپيا، سيکڙاٽن جي پگهار 38 هزار، هنرمندن جي پگهار 45 هزار ۽ اعليٰ هنرمندن لاءِ 47 هزار رپيا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اجرت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن فوري جاري ڪيو وڃي، ليبر کاتي طرفان اجرت جي معاملي تي غير ضروري دير ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.